گل پلازا سانحو: ايم ڪيو ايم وري نون صوبن جو مطالبو ڪري ڇڏيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي ۾ گل پلازا سانحي تي پ پ ۽ ايم ڪيو ايم آمهون سامهون ٿي ويون.
قومي اسيمبلي ۾ گل پلازا سانحي تي بحث دوران ايم ڪيو ايم طرفان نون انتظامي يونٽس ۽ مڪاني ادارن کي مضبوط ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو.
فاروق ستار چيو ته باهه هاڻ ڪراچي جي هر شهري جي دل ۾ لڳل آهي، نوان انتظامي يونٽ ٺاهڻ ملڪ ورهائڻ ناهي، ان کي سياست جي ور نه چاڙهيو وڃي.
ان تي پ پ جي شهلا رضا چيو ته سياست کي وچ ۾ نه پئي آڻيان پر سڀني کي خبر آهي ته 2002 ۽ 2003 ۾ ڪنهن جي حڪومت هئي ۽ ڪنهن جي دور ۾ دڪانن کي وڌائڻ جي اجازت ملي، ضروري ناهي ته حادثي وقت وڏو وزير ۽ وزير پهچن، ريسڪيو ادارن جو پهچڻ ضروري هوندو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.