پرٿ (ويب ڊيسڪ) سڊني سڪسرز جي ڪپتان موئيسس هينرڪس بابر اعظم ۽ اسٽيو سمٿ وچ پيش آيل واقعي کي هڪ غلط فهمي قرار ڏئي ڇڏيو.
پرٿ ۾ بِگ بيش ليگ جي پهرئين ڪواليفائر ۾ پرٿ اسڪارچر خلاف ميچ دوران هينرڪس چيو ته ٻنهي رانديگرن وچ هاڻي معاملو مڪمل طور حل ٿي چڪو آهي.
واضح رهي ته اهو واقعو ڪجهه ڏينهن اڳ سڊني ڪرڪيٽ گرائونڊ ۾ کيڏيل بي بي ايل ميچ دوران پيش آيو، جڏهن ميچ دوران اسٽيو سمٿ بابر اعظم کي سنگل وٺڻ کان انڪار ڪيو ۽ پاور پلي ۾ اسٽرائيڪ پاڻ وٽ رکندي رڪارڊ 32 رنسون ٺاهيون، جڏهن ته بابر ٻئي بال تي ڪلين بولڊ ٿي ويو.
پويلين واپس ويندي، بابر اعظم ڪاوڙ ۾ بائونڊري واري رسي تي بيٽ وهائي ڪڍي، جنهن تي ڪامينٽيٽر ۽ اڳوڻي آسٽريلوي ڪپتان مارڪ وا چيو ته ”هي سٺو عمل ناهي، توهان جيڪو به محسوس ڪري رهيا آهيو، اهو ظاهر نه ڪريو.“
ان کان پوءِ بابر اعظم مبينا طور تي ساٿي رانديگرن کان پري پري نظر آيو ۽ ميچ کٽڻ باوجود سڊني ٿنڊرز جي رانديگرن سان هٿ ملائڻ کان پاسو ڪيو هو.
هاڻي هينرڪس ان معاملي تي خاموشي ٽوڙيندي چيو آهي ته هي معاملو ثقافتي فرق سبب پيدا ٿيو، جنهن کي بابر پوري طرح سمجهي نه سگهيو.
هن موجب بابر کي وضاحت ڏني وئي ۽ هاڻي ٻنهي اسٽار رانديگرن وچ ڪا به رنجش باقي ناهي.
سڪسرز جي ڪوچ گريگ شپرڊ کي به شروع ۾ بابر جي مايوسي تي ڳڻتي هئي ، ڇو ته بابر پاڻ کي ان موقعي تي نظرانداز محسوس ڪيو.
اڳوڻي آسٽريلوي بيٽر مائيڪ هسي سڪسرز جي مئنيجمينٽ جي واکاڻ ڪندي چيو ته ”اهڙي قسم جي حساس معاملن کي ڏاهپ سان حل ڪرڻ ئي ٽيم کي بي بي ايل ۾ مضبوط بڻائي ٿو.“