اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پ پ ايم اين اي عبدالقادر پٽيل ايم ڪيو ايم کي چيو آهي ته توهان ڪراچي جا دعويدار نه بڻجو، غلطي توهان جي آهي، عمارت توهان ٺاهي.
قومي اسيمبلي اجلاس دوران فاروق ستار طرفان سنڌ حڪومت تي تنقيد ۽ نون صوبن جي مطالبي تي عبدالقادر پٽيل چيو ته توهان پاڻ اعتراف ڪيو ته اسان مهاجر قوم کي 100 سال پوئتي ڌڪي ڇڏيو آهي.
هن چيو ته سانحن ۽ حادثن جو ذڪر توهان ڪيو پر دَر تي زنجير لڳائي 360 ماڻهو ماريا ويا، ڪنهن کي مدد نه ڪرڻ ڏني وئي، بلديا سانحي جو ذڪر ڇو نٿا ڪيو؟
سندس چوڻ هو ته هاڻ ڪراچي توهان جي هٿ ۾ ناهي، توهان ڪراچي جا دعويدار نه بڻجو، هاڻ ڪراچي اسان جي هٿ ۾ آهي، اسان وٽ جادوئي لٺ ناهي.
You might also like