لاهور (ويب ڊيسڪ) آءِ سي سي مينز ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ 2026 ۾ فاسٽ بالر حارث رئوف پاڪستان جي پندرنهن رڪني اسڪواڊ ۾ شامل نه هوندو.
ذريعن موجب، قومي ٽيم جي ڪوچ مائيڪ هيسن ايشيا ڪپ فائنل کانپوءِ حارث جي شموليت جي حق ۾ نه آهي.
ايشيا ڪپ کانپوءِ فاسٽ بالر پاڪستان طرفان ڪا به ٽي ٽوئنٽي ميچ به ناهي کيڏي، هو اڄڪلهه آسٽريلوي بِگ بيش ليگ کيڏي رهيو آهي جتي هو ميلبورن اسٽارز جي نمائندگي ڪري رهيو آهي.