پي ٽي آءِ جو حمايت يافته راجا ناصر عباس سينيٽ ۾ اپوزيشن ليڊر مقرر، نوٽيفڪيشن جاري

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) مجلس وحدت المسلمين جي سربراهه ۽ پي ٽي آءِ جي حمايت يافته سينيٽر راجا ناصر عباس کي سينيٽ ۾ اپوزيشن ليڊر مقرر ڪري ڇڏيو.
سينيٽ سيڪريٽري حفيظ الله شيخ اپوزيشن ليڊر جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو.
چيئرمين سينيٽ يوسف رضا گيلاني ٻڌايو ته راجا ناصر عباس کي اپوزيشن سينيٽ جي 32 مان 22 ميمبرن جي حمايت حاصل آهي.
هن چيو ته قائد حزب اختلاف کي ڊڪليئر ڪرڻ جو اختيار چيئرمين سينيٽ وٽ آهي، مان سينيٽر ناصر عباس کي ليڊر آف اپوزيشن ڊڪليئر ڪريان ٿو.
چيئرمين سينيٽ جو چوڻ هو ته قائد حزب اختلاف جي نوٽيفڪيشن وارو معاملو سينيٽ سيڪريٽريٽ ۾ التوا هيٺ رهيو، عدالتي طريقيڪار سبب دير ٿي، هاڻي مان ظابطن موجب عمل ڪندس.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.