ڪراچي(رپورٽر)سنڌ جي سينيئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته گل پلازا ۾ باهه لڳڻ واري واقعي کان پوءِ ريسڪيو ۽ امدادي ڪارروايون بنا ڪنهن رڪاوٽ جي جاري رهيون ۽ صوبائي انتظاميه جي سمورو مشينري مڪمل متحرڪ رهي.هڪ بيان ۾ هن چيو ته سنڌ جي وڏي وزير واقعي جي شفاف جاچ لاءِ ڪمشنر ڪراچي کي مڪمل اختيار ڏئي ڇڏيا آهن، جاچ مڪمل ٿيڻ کان پوءِ ئي اها ڳالهه واضح ٿي سگهندي ته باهه ڪهڙي سبب لڳي ۽ ان جي ذميواري ڪنهن تي لاڳو ٿئي ٿي،هن چيو ته سمورين عوامي ملڪيتن ۽ وڏين عمارتن ۾ ڪنهن به هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ اثرائتو انتظام اڻٽر آهن،هن چيو ته اهڙي سانحي تي سياست ڪرڻ ۽ بي بنياد الزام لڳائڻ وارن ڌرين کي ھن نازڪ لمحي ۾ عقل ۽ دانائيءَ سان ڪم وٺڻ گهرجي. هن واپاري برادري کي يقين ڏياريندي چيو ته واپارين کي ٿيندڙ نقصان جي معاملي ۾ حڪومت سندن شانه بشانه بيٺي آهي ۽ کين اڪيلو نه ڇڏيو ويندو.