ملير (رپورٽ:جميل چانڊيو) ملير ۾ پورٽ قاسم لڳ سمنڊ ڪناري تاريخي حسن شاهه درگاهه ٻيٽ تي وفاقي حڪومت طرفان تجويز ڪيل تڪراري رٿا خلاف سياسي ۽ سماجي اڳواڻن، صحافين سميت ڀرپاسي جي ڳوٺاڻن وڏي تعداد ۾ ٻيٽ تي پهچي مطالعاتي دورو ڪرڻ بعد ڌرڻو هنيو. ان موقعي تي انڊيجيئنس رائيٽس الائنس جي اڳواڻ سيد خدا ڏنو شاهه، حفيظ بلوچ، سليم سالار ۽ ماهيگير اڳواڻ يونس خاصخيلي ۽ ٻين ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي وفاقي حڪومت کان تڪراري رٿا فوري طور ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو. ان موقعي تي انڊيجيئنس رائيٽس الائنس جي صدر سيد خدا ڏنو شاهه جو چوڻ هو ته حسن شاه درگاهه ٻيٽ اسان جي تاريخ، عقيدي ۽ مقامي سڃاڻپ جو اهم حصو آهي، هن ٻيٽ جي 530 ايڪڙ زمين آهي جڏهن درگاھ حسن شاہ 800 سال پراڻي آهي هتي ماهيگير روزگار حاصل ڪري رهيا آهن ۽ وفاقي سرڪار کان اهڙي رٿا کي فوري ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪجي ٿو ٻي صورت ۾ احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي. حفيظ بلوچ چيو ته هي رٿا ترقي جي نالي تي مقامي آبادي کي بي دخل ڪرڻ جي ڪوشش آهي، ٻيٽ جو ماحولياتي نظام انتهائي نازڪ آهي جيڪڏهن هي منصوبو لاڳو ٿيو ته ماهيگيرن جو روزگار ۽ سمنڊ جي حياتيات کي ناقابل تلافي نقصان پهچندو، سماجي اڳواڻ سليم سالار چيو ته اسان ترقي جا مخالف ناهيون پر اهڙي ترقي جيڪا مقامي ماڻهن کي ختم ڪري ڇڏي، اها ترقي نه پر قبضو آهي. يونس خاصخيلي چيو ته هي ٻيٽ ۽ ان جي ڀرپاسي وارو سمنڊ صدين کان ماهيگيرن جو روزگار رهيو آهي جيڪڏهن هي رٿا لاڳو ٿي ته هزارين ماهيگير بيروزگار ٿي ويندا اسان پنهنجي روزي، ڌرتي ۽ سمنڊ جي حفاظت لاءِ هر سطح تي جدوجهد ڪنداسين. ان موقعي تي سياسي سماجي اڳواڻن ۽ مقامي ڳوٺاڻن پاران ريلي ڪڍي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيوويو. هنن چيو ته ماضي ۾ پورٽ قاسم، ڪي پي ٽي، اسٽيل مل ۽ ٻين رٿائن جي نالي تي قديمي ڳوٺ، ماڳ مڪان ۽ قبرستان ختم ڪري اسان کي لڏپلاڻ ڪرائي وئي جنهن مقصد لاءِ اسان جي وڏن قرباني ڏني ان تي عمل بدران پنهنجا منصوبا جوڙيا ويا ۽ مقامي ماڻهن سان ڪيل واعدا پورا نه ڪيا ويا، هن ڀيري اسان کي پڻ خدشو آهي ته سياحتي منصوبي جي آڙ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر اسان جي ماڳ مڪانن ۽ تاريخي ورثن تي قبضو ڪيو ويندو.