يقين کان پوءِ جو عالمي منظرنامو

تحرير: غلام شهـباز بٽ

دنيا هن وقت ڪنهن به ”تاريخ جي پڄاڻي“ واري مرحلي مان نٿي گذري، پر هوءَ يقين جي خاتمي جي دور ۾ داخل ٿي چڪي آهي. هي فرق معمولي نه، پر فيصلائتو آهي، ڇاڪاڻ ته اها رڳو سياسي يا معاشي تبديلي ناهي، پر هڪ تهذيبي ۽ نفسياتي موڙ آهي. اڄ اهو  رخ ڌنڌلو ٿي چڪو آهي، جيڪو صدين تائين عالمي نظام کي معنيٰ ڏيندو رهيو. تاريخ ٻڌائي ٿي ته هر عالمي نظام ڪنهن نه ڪنهن مرڪزي يقين تي بيٺل رهيو آهي. رومن سلطنت جو پيڪس رومانا، برطانيا جو سِولائزنگ مشن، سرد جنگ جو نظرياتي توازن ۽ پوءِ 1990ع واري ڏهاڪي ۾ اهو خيال ته لبرل عالمي نظام انساني ارتقا جي آخري منزل آهي. لبرل ازم کي ”آخري نظريو“ قرار ڏيڻ وارو دعويٰ ٽٽي چڪي آهي، پر ان جو مطلب نظريي جو خاتمو نه، پر نظرياتي بالادستي  جو خاتمو آهي.  اهي رڳو طاقت جا ڍانچا نه هئا، پر حقيقت جون تشريحون هيون، جيڪي فرد ۽ سماج ٻنهي کي رخ (طرف)  ڏينديون رهيون. جيئن چيو ويندو آهي ته طاقت رڳو حڪم نٿي ڏئي، پر اهو به طئي ڪري ٿي ته سچ کي ڪيئن سمجهيو وڃي. پر اڄ اها تشريح ٽٽي رهي آهي. طاقت ۽ نظريي جو اهو لاڳاپو، جيڪو ڪڏهن ناگزير سمجهيو ويندو هو، هاڻي نئين موڙ ۾ داخل ٿي چڪو آهي.

هر وڏي طاقت پنهنجي برتري کي ڪنهن نه ڪنهن ”عالمي سچ“ جي صورت ۾ پيش ڪيو. رومن سلطنت امن کي نظم جو مترادف بڻايو، برطانوي سلطنت غلبي کي اخلاقي فرض چيو ۽ سوويت يونين مساوات کي عالمي نجات طور پيش ڪيو. اهي سڀ طاقت سان ڳنڍيل عالمي بيانيا هئا. پر موجوده لمحو ان لحاظ کان مختلف آهي جو هاڻي ڪو هڪ سچ يا نظريو مرڪز ۾ موجود ناهي. طاقت ته آهي، پر ان سان گڏ هلندڙ آفاقي يقين ٽٽي چڪو آهي. گهڻ قطبي دنيا پنهنجن اصولن جي پيدائش واري تڪليف مان گذري رهي آهي. سرد جنگ کان پوءِ جي مختصر هڪ قطبي دور ۾ فڪري سادگي غالب رهي. لبرل جمهوريت، آزاد منڊي ۽ عالمگيريت کي دائمي مستقبل سمجهيو ويو. اهڙي ئي فضا ۾ ”تاريخ جي پڄاڻي“ واري تصور کي پڙهيو ۽ قبول ڪيو ويو. پر اڄ دنيا نه هڪ قطبي آهي، نه نظرياتي طور هڪجهڙي. چين پنهنجو ماڊل ضرور پيش ڪري ٿو، پر ان کي آفاقي اصول طور مڙهڻ جي ڪوشش نٿو ڪري. روس روايت ذريعي سڃاڻپ ڳولي رهيو آهي، يورپ پنهنجي قدرن کي بچائڻ جي جدوجهد ۾ آهي ۽ گلوبل سائوٿ ڪنهن نجات ڏيندڙ نظريي بدران عملي بقا چاهي ٿو.

اهڙي صورتحال ۾ سوال فطري آهي: ڇا دنيا نظرين کان خالي ٿي چڪي آهي؟ يقين جي هن خاتمي رڳو رياستن کي نه، پر فردن کي به غير مستحڪم ڪري ڇڏيو آهي. قومپرستي جو اڀار، سازشي نظرين، سڃاڻپ جي سياست. اهي سڀ نفسياتي خال جون نشانيون آهن. جڏهن گڏيل ڪهاڻيون ڪمزور ٿين ٿيون، تڏهن ماڻهو سادا دشمن ڳولين ٿا، پيچيده دنيا کي سازش ۾ سموئي ڇڏين ٿا ۽ سڃاڻپ کي سياست جو متبادل بڻائين ٿا. اهي رڳو سياسي رجحان ناهن، پر معنيٰ جي بحران جون نفسياتي علامتون آهن. اڪثر چيو ويندو آهي ته سرمائيداري زوال پذير آهي، پر وڌيڪ درست ڳالهه اها آهي ته سرمائيداري پنهنجي فطرت بدلائي رهي آهي. هاڻي اها نجات جو فلسفو نه، پر انفراسٽرڪچر، رسڪ مئنيجمينٽ، ڊيٽا، الگورٿمز ۽ سپلائي چين جي منطق بڻجي چڪي آهي. سرمائيداري هڪ تهذيبي آپريٽنگ سسٽم بڻجي وئي آهي، جيڪا پنهنجا تضاد جذب ڪري پاڻ کي نون حالتن سان هم آهنگ ڪري رهي آهي. ماحولي ضابطا، ڊجيٽل معيشت ۽ رياستي مداخلت به ان جو حصو آهن. اهو ان حقيقت جي تصديق آهي ته نظام ختم ناهن ٿيندا، پر نوان روپ اختيار ڪندا آهن. ان ڪري اهو تاثر ته دنيا نظرين کان خالي ٿي رهي آهي، هڪ تاريخي غلط فهمي آهي. هر عبوري دور اهڙو ئي لڳندو آهي. جڏهن پراڻا لفظ ناڪام ٿين ٿا ۽ نوان لفظ اڃا پيدا ناهن ٿيندا. اهو خال غير موجودگي نه، پر پيدائش کان اڳ وارو مرحلو هوندو آهي.

هن دور جي انفراديت اها آهي ته طاقت هاڻي نعريبازيءَ ۾ نه، پر سسٽمن ۾ ڳالهائي ٿي. الگورٿمز، ڊيٽا معيار، ماحولي حدون ۽ رسڪ ماڊلز خاموشي سان ترجيحات طئي ڪري رهيا آهن. اِهو اُهو لمحو آهي، جنهن کي ڪجهه مبصر انسان جي الگورٿم ۾ تحليل ٿيڻ سان جوڙين ٿا، پر اصل سوال انسان جي شڪست جو نه، پر معنيٰ جي هجرت جو آهي. وقت جو تصور وسعت کان کوٽائي ڏانهن منتقل ٿي رهيو آهي. ماضي ۾ ترقي جو مطلب وڌيڪ پيداوار ۽ وڌيڪ رفتار هو، پر اڄ ترقي شايد لامحدود واڌ بدران پائيداري، ۽ محض جي ڊي پي بدران معيارِ زندگي بڻجي رهي آهي. مقصد اڳتي وڌڻ نه، پر قائم رهڻ بڻجي رهيو آهي.

هي اهو مقام آهي، جتي انسان نون مقدسن ۽ نين حدن کي دريافت ڪري ٿو. ماضي ۾ خدا، بادشاهت ۽ انقلاب مقدس هئا، اڄ ڊيٽا جي خودمختياري، ماحولي حدون، ڪاربان نيوٽرلٽي ۽ جديد شهريت نيون اخلاقي سرحدون بڻجي رهيون آهن جن کي لتاڙڻ هاڻي ترقي نه، پر خطرو سمجهيو وڃي ٿو. اهڙي طرح عالمي حڪومت جو خواب غير حقيقي ثابت ٿيو آهي ۽ قومي رياست اڪيلي ناڪافي نظر اچي ٿي. جيڪو اڀري رهيو آهي، اهو ريجنل ڪامنس آهي. گڏيل مسئلا ۽ گڏيل بقا جا علائقا. پاڻي، ماحول، توانائي ۽ ڊيٽا هاڻي نوان سياسي مرڪز بڻجي رهيا آهن. عالمي نظام هاڻي نظريي بدران حدن جي اعتراف سان ٺهڻ لڳو آهي. هي بحران رڳو معاشي يا سياسي نه، پر تهذيبي سڃاڻپ ۽ معنيٰ جي نظام جو بحران آهي. شايد انسانيت پهريون ڀيرو اهڙي دور ۾ داخل ٿي رهي آهي، جتي ”لا محدود امڪان“ جي خواب بدران دانشمند حدون مرڪزي اخلاقي اصول بڻجن ٿيون. اهي تصور شايد گهٽ رومانوي هجن، پر وڌيڪ حقيقي آهن ۽ تاريخ ۾ هميشه حقيقي شيون ئي ڊگهي عرصي تائين قائم رهنديون آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.