ڪراچي(ويب ڊيسڪ) بگ بيش ليگ ۾ سڀ کان سُست بيٽنگ ڪندڙ بيٽرز جي فهرست ۾ محمد رضوان ۽ بابر اعظم ٽاپ 2 پوزيشنز حاصل ڪري ورتيون آهن.
پاڪستان جي ٻنهي رانديگرن مان ٽيمن کي تمام گهڻيون اميدون واڳيل هيون، پر ٻنهي هارڊ هٽنگ بدران روايتي ۽ محتاط ڪرڪيٽ کي ترجيح ڏني.
هلندڙ سيزن ۾ اسٽرائڪ ريٽ جي حوالي سان سڀ کان سُست بيٽنگ ڪندڙ بيٽرز جي فهرست ۾ ٽاپ تي محمد رضوان موجود آهن، جنهن 102.74 جي اسٽرائڪ ريٽ سان رنسون اسڪور ڪيون.
رضوان 10 اننگزن ۾ 18.7 جي ايوريج سان 187 رنسون ٺاهيون، هو ڪا به ففٽي ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو، جڏهن ته ان کانپوءِ بابر اعظم جو نمبر اچي ٿو، جنهن جو اسٽرائڪ ريٽ 107.48 آهي، پاڪستاني اسٽار بيٽر هينئر تائين 9 ميچزن ۾ 28.71 جي اوريج ۽ 2 ففٽين جي مدد سان 201 رنسون اسڪور ڪيون آهن.
ٽئين نمبر تي آسٽريلوي اوپنر ڪونسٽاس 110.21 جي اسٽرائڪ ريٽ سان موجود آهي، جڏهن ته ٽام روجرز 127.50 جي اسٽرائڪ ريٽ سان سُست بيٽرن جي فهرست جو حصو آهي