عوام کان تيل اگهن تي ڪيترو ٽيڪس ورتو پيو وڃي؟ ڇرڪائيندڙ انڪشاف

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پيٽروليم وزارت تيل اسمن تي واهپيدارن کان وصول ڪئي ويندڙ ٽيڪسن جا تفصيل قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪري ڇڏيا.
قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪيل تفصيلن ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته پيٽروليم شين تي ٽن قسمن جا ٽيڪس وصول ڪيا پيا وڃن.
واهپيدارن کان هاءِ اسپيڊ ڊيزل تي 78 رپيا، پيٽرول تي 82 رپيا ٽيڪس، هاءِ اسپيڊ ڊيزل ۽ پيٽرول جي مد ۾ 10 سيڪڙو ڪسٽم ڊيوٽي به وصول ڪئي پئي وڃي.
دستاويز ۾ ٻڌايو ويو ته هاءِ اسپيڊ ڊيزل تي 75 رپيا 41 پيسا پيٽروليم ليوي وصول ڪئي پئي وڃي.
ان کانسواءِ هاءِ اسپيڊ ڊيزل تي 2 رپيا 50 پيسا ڪلائمٽ سپورٽ ليوي ۽ 10 سيڪڙو ڪسٽم ڊيوٽي به وصول ڪئي پئي وڃي.
وزارت طرفان پيش ڪيل دستاويزن موجب واهپيدارن کان پيٽرول تي 79 رپيا 62 پيسا، فرنس آئل تي 77 رپيا پيٽروليم ليوي وصول ڪئي پئي وڃي.
پيٽرول تي اڍائي رپيا ڪلائمٽ سپورٽ ليوي ۽ 10 سيڪڙو ڪسٽم ڊيوٽي به وصول ڪئي پئي وڃي، ان کانسواءِ گاسليٽ تي 18 رپيا 95 پيسا، لائيٽ ڊيزل آئل تي 15 رپيا 37 پيسا ليوي وصول ڪئي پئي وڃي.
دستاويز ۾ انڪشاف ڪيو ويو ته فرنس آئل تي 18 سيڪڙو جي ايس ٽي به وصول ڪيو پيو وڃي.
وزارت موجب ليوي ۽ ڪلائمٽ سپورٽ آرڊيننس 1961 تحت وصول ڪئي پئي وڃي، ڪلائمٽ سپورٽ ليوي پهرين جولاءِ 2025 کان گڏ ڪئي پئي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.