هراري (ويب ڊيسڪ) انڊر 19 ورلڊڪپ ۾ پاڪستان اسڪاٽلينڊ کي 6 وڪٽن سان شڪست ڏئي ايونٽ ۾ پهرين ڪاميابي حاصل ڪري ورتي.
هراري ۾ کيڏيل ميچ ۾ اسڪاٽلينڊ پهريان بيٽنگ ڪئي ۽ 49 هين اوور ۾ 187 رنسون ٺاهي آل آئوٽ ٿي وئي.
اسڪاٽلينڊ طرفان ڪپتان ٿامس نائٽ 37، فنلي جونز 33 ۽ اولي جونز 30 رنسون ٺاهيون.
پاڪستاني فاسٽ بالر علي رضا 4 وڪٽون حاصل ڪيون، جڏهن ته مومن قمر 3 رانديگرن کي پويلين ڀيڙو ڪيو.
جواب ۾ گرين شرٽس 188 رنسن جو هدف آساني سان 44هين اوور ۾ 4 وڪٽن جي نقصان تي حاصل ڪري ورتو.
پاڪستان انڊر 19 طرفان عثمان خان 75 ۽ احمد حسين 47 رنز جي اننگز کيڏي ٽيم کي فتح ڏيارِي.
واضح رهي ته انڊر 19 ورلڊڪپ جي پهرين ميچ ۾ پاڪستان کي انگلينڊ هٿان شڪست کي منهن ڏيڻو پيو هو.