ايپل جي نئين آءِ فون 18 سيريز کي متعارف ڪرائڻ ۾ اڃا ڪيترائي مهينا باقي آهن، پر ان جي پرو ماڊل جي امڪاني ڊيزائن جي پهرين جھلڪ سامهون اچي وئي آهي.
هڪ ليڪ ٿيل وڊيو ۾ آءِ فون 18 جي هڪ غير آفيشل جھلڪ ڏسڻ ۾ آئي آهي.
هي وڊيو جون پروسر طرفان سامهون آئي آهي، جنهن خلاف گذريل سال ايپل آءِ او ايس 26 جا تفصيل ليڪ ڪرڻ تي ڪيس داخل ڪيو هو.
آءِ فون 18 پرو جو هي ڊيزائن ايپل جي سپلائي چين جي اندروني تفصيل ۽ ٻين ذريعن تي ٻڌل ٿي سگهي ٿو.
ڊيزائن جي حوالي سان ڏسجي ته ظاهري طور آءِ فون 18 پرو ڏسڻ ۾ آءِ فون 17 پرو جهڙو ئي لڳي ٿو، ۽ اهڙي ئي صورتحال 18 پرو ميڪس سان به هوندي، جيڪو پرو ماڊل جهڙو ئي هوندو، فرق رڳو ايترو هوندو جو ان جو ڊسپلي وڌيڪ وڏو هوندو.
وڊيو موجب، نئين آءِ فون ۾ جيڪا تبديلي ڪئي پئي وڃي، اها رنگن جي حوالي سان آهي ۽ هي فون 3 نون رنگن ۾ دستياب هوندو.
هڪ ٻي تبديلي اها ڪئي پئي وڃي ته آءِ فون 18 پرو جو سيلفي ڪئميرا يا ڊائنامڪ آءِ لينڊ کي اسڪرين جي مٿئين کاٻي ڪنڊ ڏانهن منتقل ڪيو ويندو، جڏهن ته فيس آءِ ڊي ٽيڪنالاجي کي اسڪرين جي اندر شامل ڪيو ويندو.
آءِ فون 18 پرو ۾ ويري ايبل اپرچر ڪئميرا سسٽم ڏيڻ جو به امڪان آهي ته جيئن هر قسم جي روشني ۾ بهترين تصويرون ۽ وڊيوز تيار ڪري سگهجن.
امڪان آهي ته هي نئون فون سيپٽمبر ۾ آءِ فون 18 پرو ميڪس ۽ پهرين فولڊ ايبل آءِ فون سان گڏ متعارف ڪرايو ويندو، جڏهن ته آءِ فون 18 ۽ آءِ فون ايئر 2 کي 2027 جي شروعات ۾ پيش ڪيو ويندو.