ڪراچي (ويب ڊيسڪ) علما يونيورسٽي جي پرو وائيس چانسلر ڊاڪٽر حماد طاهر، گُل پلازا ۾ باهه سبب قيمتي جانيون ضايع ٿيڻ تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي.
پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته ان جيءُ جهوريندڙ سانحي تي دل انتهائي رنجيده آهي، اسان سوڳوار خاندانن جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون.
سندس چوڻ هو ته ڏک جي گهڙيءَ ۾ برطانيا ۾ رهندڙ پاڪستاني برادري پڻ پنهنجي ڀائرن ۽ ڀينرن سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪري ٿي، الله پاڪ مرحومن جا درجا بلند فرمائي ۽ پونئيرن کي صبر عطا ڪري.
You might also like