اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) مالي سال 25-2024 ۾ پاڪستاني رانديگرن کي حڪومت طرفان ملندڙ روڪ انعامن جا تفصيل پارليامينٽ ۾ پيش ڪيا ويا .
دستاويز موجب، حڪومت طرفان پاڪستاني رانديگرن کي 20 ڪروڙ 64 لک 50 هزار ماليت جا انعام ڏنا ويا.
حڪومتي دستاويزن موجب، پاڪستان لاءِ پئرس اولمپڪس ۾ گولڊ ميڊل ماڻيندڙ ايٿيليٽ ارشد نديم کي پندرنهن ڪروڙ ويهه لک رپيا، ڪوچ سلمان اقبال بٽ کي هڪ ڪروڙ ڇهه لک رپيا انعام مليو جڏهن ته سنوڪر چيمپيئن شپ جي فاتح محمد آصف کي 25 لک رپيا انعام طور مليا.
ايشين انڊر 21 سنوڪر چيمپيئن شپ ۾ پتل جو ٻِلو کٽيندڙ احسن رمضان کي پنج لک انعام مليو، سارڪ سنوڪر چيمپيئن شپ ۾ گولڊ ميڊل حاصل ڪرڻ تي محمد آصف کي پنج لک، محمد نسيم اختر کي پتل جو ميڊل کٽڻ تي هڪ لک رپي انعام مليو جڏهن ته سائوٿ ايشين ريجنل ٽيبل ٽينس چيمپيئن شپ کٽڻ تي مختلف رانديگرن کي 14 لک 50 هزار ماليت جا انعام ڏنا ويا.
ان کانسواءِ ايشين اوپن عالمي ٽائڪ وونڊو چيمپيئن شپ ۾ مختلف ميڊلز ماڻيندڙ رانديگرن کي هڪ ڪروڙ 15 لک رپيا انعام مليو.
You might also like