لاهور(ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) جي چيئرمين محسن نقوي آءِ سي سي مينز ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ 2026 لاءِ پاڪستان ٽيم جي حوالي سان سموريون تياريون روڪرائي ڇڏيون .
ذريعن موجب، ٽيم مينيجمينٽ کي ايندڙ حڪمت عملي بابت بعد ۾ آگاهه ڪيو ويندو، جڏهن ته مينيجمينٽ کان ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ شرڪت نه ڪرڻ جي صورت ۾ متوازي پلان به طلب ڪيو ويو آهي.
هتي اها ڳالهه پڻ ذڪر جوڳي آهي ته بنگلاديش جي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ لاءِ ڀارت نه وڃڻ واري فيصلي تي پاڪستان اڳ ئي مڪمل سهڪار جي خاطري ڪرائي چڪو آهي.
پاڪستان بنگلاديش جي سيڪيورٽي بابت خدشن کي درست قرار ڏنو آهي، بنگلاديش جو مسئلو حل نه ٿيڻ جي صورت ۾ پاڪستان ورلڊ ڪپ ۾ شرڪت بابت فيصلي تي غور ڪرڻ جو چئي چڪو آهي.