ڪراچي (ويب ڊيسڪ) گُل پلازا سانحي ۾ فوتين جو انگ وڌي 24 ٿي ويو آهي، جڏهن ته واقعي کانپوءِ اڃا تائين 73 ماڻهو لاپتا آهن.
سنڌ حڪومت جي هيلپ ڊيسڪ موجب، ڪالهه 70 ماڻهن جي لاپتا ٿيڻ جي تصديق ٿي هئي، جڏهن ته اڄ وڌيڪ 3 ڄڻن جا نالا لاپتا ماڻهن جي فهرست ۾ شامل ڪيا ويا آهن.
هيلپ ڊيسڪ طرفان جاري ڪيل فهرست موجب گم ٿيلن ۾ ڪيتريون عورتون پڻ شامل آهن.
ريسڪيو عملدارن موجب، گل پلازا ۾ لڳل باهه تي لڳ ڀڳ ضابطو آندو ويو آهي ۽ ڪولنگ جو عمل جاري آهي، جڏهن ته ريسڪيو اهلڪار لاپتا ماڻهن جي ڳولا ڪري رهيا آهن.
You might also like