لاهور(رضي دادا)ٻن ٽن ڏينهن کان ڪيترن ئي صحافين آسمان سر تي کنيو پيو آهي ته بلاول ڀٽو زرداري ملڪ اندر انقلاب آڻڻ وارا آهن، يا هو ڪو “ونڊر بواءِ” آهي، ۽ شهباز شريف جي متبادل طور پاڻ کي پيشڪري رهيو آهي۔ پيپلز پارٽي سان همدردي رکندڙ صحافين سوشل ميڊيا ۽ مين اسٽريم ميڊيا تي وڏو هُل مچايو آهي، ۽ اهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته بلاول ڀٽو زرداري غير ملڪي سفيرن کي ايوانِ صدر ۾ گهرايو، ۽ سنڌ ۾ ترقيءَ جا درياهه وهايا پيا وڃن۔پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ” جا قصا ٻڌايا ويا، جڏهن ته حقيقت اها آهي ته اهي منصوبا اڳ ئي ٻين ماڻهن جا شروع ڪيل هئا، سنڌ حڪومت جو انهن ۾ ڪو خاص ڪردار نه رهيو۔ رڳو بجيٽ منظور ڪئي وڃي ٿي، ۽ ڪريڊٽ پنهنجي نالي ڪيو وڃي ٿو۔ ڄاڻ رکندڙ ماڻهو ان حقيقت کان واقف آهن۔آج ٽي وي جي ڪراچي جي چيف رپورٽر وڏو انڪشاف ڪيو آهي، اصل ڪهاڻي اها آهي ته ايشيائي ترقياتي بينڪ (ADB) سنڌ حڪومت کي سخت وارننگ ڏني آهي، ايشيائي ترقياتي بينڪ سنڌ حڪومت کي لکين ڊالر قرض ڏنو هو ته ڪراچي ۾ ماڻهن کي گهرن تائين صاف پاڻي فراهم ڪيو وڃي۔ پر حقيقت اها آهي ته اڄ ڪراچي ۾ سوين هائيڊرنٽ هلن پيا، جتان سرڪاري پاڻي ٽينڪرن ذريعي ڀري مهانگي اگهه تي عوام کي وڪرو ڪيو وڃي ٿو۔ اهو پاڻي اصل ۾ نلڪن وسيلي ماڻهن جي گهرن تائين پهچڻ گهرجي ها۔هي هڪ ساليانو لڳ ڀڳ 300 ارب رپين جي معيشت آهي، جيڪا سڌي طرح ڪراچي جي عوام جي کيسي مان ڪڍي وڃي ٿي۔ ايشيائي ترقياتي بينڪ جڏهن پنهنجي جاچ ڪئي ته معلوم ٿيو ته زمين تي ڪو به ڪم نه ٿيو آهي۔ اٺ اهم شرط پورا نه ڪيا ويا آهن۔انهيءَ تي بينڪ سخت ڌمڪي ڏني آهي ته جيڪڏهن ايندڙ ٻن ٽن هفتن ۾ هائيڊرنٽ بند نه ڪيا ويا ۽ ماڻهن کي نلڪن ۽ ٽينڪين ذريعي پاڻي فراهم نه ڪيو ويو ته بينڪ پنهنجو عملو واپس گهرائي وٺندي،باقي رقم بند ڪئي ويندي۽ اڳ ۾ ڏنل رقم به واپس ورتي ويندي،هي پيپلز پارٽي جي گورننس تي هڪ تمام وڏو ڌڪ آهي،پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ جو اصل مثال پنجاب ۾ نظر اچي ٿو، جتي بنيادي صحت مرڪز ۽ اسڪول نجي شعبي کي ڏئي عوام کي سڌو فائدو پهچايو ويو۔ سنڌ ۾ اهڙو ماڊل ڪٿي به نظر نٿو اچي، رڳو “سينٽر آف ايڪسيلينس” جا نعرا آهن، جن مان غريب عوام کي ڪو فائدو نٿو ملي۔