ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾ گلا پلازا کي لڳل باهه 24 ڪلاڪن کانن پوءِ به وسامي نه سگهي، هزارين دڪاندارن ۽ پورهيتن جون اميدون باهه جي شعلن ۾ خاڪ ٿي ويون.ڪراچي جي ايم اي جناح روڊ تي واقع گل پلازا ۾ لڳل باهه 6 ماڻهن جون حياتيون ڳڙڪائي وئي، ڪيترائي ڪلاڪ گذرڻ باوجود باهه تي مڪمل ڪنٽرول نه آيو، باهه جي شدت سبب عمارت جا ڪيترائي حصا ڪري پيا، حڪومت طرفان 6 ماڻهن جي فوت ٿيڻ ۽ 22 ماڻهن جي زخمي ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي، جڏهن ته تقريبن 60 ماڻهو گم آهن. هڪ فائر فائٽر سميت 6 ماڻهو فوت ٿي ويا ۽ ڪيترائي ماڻهو عمارت ۾ ڦاٿل آهن خوفناڪ باهه ڪيترن ئي خاندانن جي اميدن کي تباهه ڪري ڇڏيو. فائر برگيڊ عملدارن موجب باهه رات جو دير سان لڳي، جنهن کي ٽئين درجي جي باهه قرار ڏنو ويو آهي، هن وقت تائين باهه تي 90 سيڪڙو ڪنٽرول حاصل ڪيو ويو، جڏهن ته ساهه ٻوساٽجڻ ۽ سڙڻ سبب 20 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿي پيا آهن، باهه لڳڻ سبب عمارت جي پٺين حصي جي ڇت ڪرڻ سان هڪ فائر فائٽر ملبي هيٺ دٻجي فوت ٿي ويو، واقعو انتهائي سنگين هئڻ سبب شهر جي مختلف علائقن مان 20 کان وڌيڪ فائر بريگيڊ گاڏيون آپريشن ۾ شامل ڪيون ويون، جڏهن ته ٻه اسنارڪل گاڏيون به باهه وسائڻ ۾ مصروف رهيون، ان سلسلي ۾ عملدارن جو چوڻ آهي ته عمارت جي حالت انتهائي خراب آهي، جنهن سبب اندر داخل ٿيڻ ممڪن ناهي، ملبو هٽائڻ کان پوءِ ئي اصل صورتحال واضح ٿي سگهندي. ڊي سي ڏکڻ موجب گل پلازا جو لڳ ڀڳ 40 سيڪڙو حصو ڪري پيو آهي، ريسڪيو آپريشن مڪمل ٿيڻ ۾ ڪجهه ڪلاڪ لڳي سگهن ٿا، ڪيترائي ماڻهو اڃا گم آهن، متاثر واپارين موجب 50 کان وڌيڪ ماڻهو عمارت اندر ڦاٿل هوندا، گل پلازا ٽريڊر ايسوسيئيشن جو چوڻ آهي ته 80 کان 100 ماڻهو اڃا به اندر موجود ٿي سگهن ٿا، چيف فائر آفيسر ٻڌايو ته گرائونڊ فلور جا سمورا دڪان ۽ گدام باهه جي لپيٽ ۾ اچي چڪا آهن، باهه ٽئين ماڙ تائين پهچي وئي، جڏهن ته عمارت ۾ بيسمينٽ مارڪيٽ پڻ موجود آهي، جنهن سبب صورتحال وڌيڪ خطري واري بڻجي وئي آهي، ريسڪيو 1122 جي ترجمان موجب اطلاع ملڻ بعد فائر ۽ ريسڪيو ٽيمون ايمبولينسن سميت فوري طور واقعي واري هنڌ پهتيون، باهه وسائڻ جو عمل جاري آهي پر شدت سبب باهه بار بار ٻيهر ڀڙڪي ٿي، عوامي آواز جي رپورٽن موجب جنهن وقت باهه لڳي ان دوران ان کي وسائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر عمارت جا ٿنڀ ٽٽڻ شروع ٿي ويا آهن، جنهن ڪري ريسڪيو عملدار اندر داخل نه ٿي سگهيا. واٽر بورڊ جي ترجمان موجب فائر بريگيڊ ۽ ريسڪيو ادارن جي درخواست تي واٽر ڪارپوريشن طرفان ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي، هائيڊرنٽن ۽ واٽر ٽينڪرن ذريعي باهه وسائڻ لاءِ بنا روڪ پاڻي فراهم ڪيو ويو، عملدارن جو چوڻ آهي ته باهه تي مڪمل ضابطو آڻڻ تائين ريسڪيو ۽ امدادي ڪارروائي جاري رهندي، جڏهن ته شهرين جي جان ۽ مال جي تحفظ لاءِ هر ممڪن قدم کنيا پيا وڃن، ايم اي جناح روڊ تي واقع گل پلازا ۾ لڳندڙ باهه جي نتيجي ۾ فوت ۽ زخمي ٿيندڙ ماڻهن جي سڃاڻپ ٿي وئي، شاپنگ پلازا ۾ باهه لڳڻ سبب 6 ماڻهو فوت ٿي ويا، 20 کان مٿي زخمي ٿي پيا، جن مان 5 جي حالت انتهائي ڳڻتي جوڳي ٻڌائي وڃي ٿي، جڏهن ته ڪيترائي ماڻهو اڃا تائين عمارت اندر ڦاٿل ٻڌايا ويا، ريسڪيو عملدارن موجب فوت ٿيندڙن ۾ ڪاشف، فراز، عامر، وزير، فرقان ۽ آصف شامل آهن، زخمين ۾ 22 ورهين جو حمزه ولد محمد علي، 18 ورهين جو جواد ولد جاويد، 25 ورهين جو ايان، 20 ورهين جو عبدالله ولد ظهير، 20 ورهين جو عثمان ولد اصغر علي، 47 ورهين جو فهد ولد حنيف، 23 ورهين جو زين ولد عبدالله، حسيب، دانيال، صادق ۽ رحيم شامل آهن، گل پلازا ۾ شادي جي خريداري لاءِ ايندڙ 6 عورتون پڻ لاپتا آهن، لاپتا عورتن جي گهرڀاتين جو چوڻ آهي ته گذريل رات کان انهن سان ڪو به رابطو نه ٿي رهيو آهي، جنهن سبب گهر وارن ۾ سخت پريشاني پکڙيل آهي، جڏهن ته سنڌ رينجرز جا جوان به ريسڪيو آپريشن ۾ شامل ٿي ويا، واقعي جي سنگيني کي نظر ۾ رکندي ڊي جي رينجرز سنڌ جي خاص هدايت تي سنڌ رينجرز جا جوان فوري طور واقعي واري هنڌ پهچي ويا ۽ ريسڪيو ۽ امدادي ڪاررواين ۾ حصو ورتو، رينجرز جا جوان متاثر ماڻهن کي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪرڻ ۽ ريسڪيو ادارن سان گڏجي امدادي ڪم کي تيز ڪرڻ ۾ سرگرم رهيا، گل پلازا ۾ مجموعي طور تي لڳ ڀڳ 1200 دڪان قائم هئا، باهه سبب گرائونڊ فلور جا سمورا دڪان سڙي ويا ۽ واپارين موجب هن حادثي ۾ اربين رپين جو مالي نقصان ٿيو آهي، ڪيترن دڪاندارن جو چوڻ آهي ته انهن جي زندگي جي جي ڪمائي صرف هڪ واقعي ۾ ختم ٿي وئي، جڏهن ته لاشن جي سڃاڻپ لاءِ ڊي اين اي استعمال ٿيندو ۽ سي پي ايل سي سڃاڻپ پروگرام جي ٽيم سول اسپتال ٽراما سينٽر ٻاهران هيلپ ڊيسڪ قائم ڪري ڇڏي، انچارج عامر حسن موجب متاثرن پنهنجن گم ٿيل پيارن بابت تفصيل هيلپ ڊيسڪ تي فراهم ڪري سگهن ٿا، سڃاڻپ ٽيم سانحي ۾ فوت ٿيل ماڻهن جي صحيح سڃاڻپ ۽ وارثن تائين پهچڻ جو ڪم انجام ڏئي ٿي، عامر حسن موجب ملبو ۽ عمارت ۾ اڃا به ڪيترن ماڻهن جي موجودگي جو خدشو آهي، هن وقت تائين 6 لاپتا ماڻهن جي وارثن رابطو ڪري تفصيل فراهم ڪئي آهي.سي پي ايل سي پروگرام ناقابل سڃاڻپ لاشن کي ڊي اين اي ذريعي سڃاڻڻ ممڪن بڻائي ٿو. ماضي ۾ پي آءِ اي جهاز حادثو،نوري آباد ۽ ٻين سانحن ۾ فوت ٿيل ماڻهن جي سڃاڻپ هن ٽيم ئي ڪاميابي سان ڪئي آهي، ريسڪيو 1122 جي ترجمان حسان الحسيب خان ٻڌايو ته گل پلازا جي ويجهو دڪانن ۾ باهه جي اطلاع تي فائر ۽ ريسڪيو ٽيمون ايمبولينس ۽ فائر بريگيڊ ٽرڪن سان واقعي واري هنڌ روانيون ڪيون ويون. گل پلازا ۾ لڳل باهه واقعي بابت ڪمشنر ۽ ڊپٽي ڪمشنر ڏکڻ جي رپورٽ سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه کي پيش ڪئي وئي،
پيش ڪيل رپورٽ موجب باهه رات جو 9:45 کان 10:15 جي وچ ۾ لڳي، جنهن ۾ ٻارنهن سئو کان وڌيڪ سڙي ختم ٿي ويا، فائر برگيڊ جي ڪارروائي بعد تقريبن 60 کان 70 سيڪڙو باهه تي قابو آندو ويو، حادثي ۾ 6 ماڻهو فوت ٿي ويا ۽ 22 زخمي ٿي پيا، امدادي ڪاررواين ۾ 22 فائر بريگيڊ، 10 واٽر باؤزر ۽ 4 اسنارڪل شامل هئا. گل پلازا جي عمارت جو وڏو حصو ڪرڻ بعد رپورٽ ظاهر ڪئي وئي آهي ته عمارت ۾ ايمرجنسي نڪرڻ جا رستا موجود نه هئا ۽ باهه کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪو به انتظام نه هو، رپورٽ موجب گل پلازا 1995ع ۾ تعمير ٿي، شروعاتي طور تي بيسمينٽ، گرائونڊ ۽ پهرين منزل تائين هئي، 2003ع تائين مختلف وقتن ۾ عمارت ۾ ٽي وڌيڪ طبقا ٺاهيا ويا. رپورٽ ۾ واضح ڪيو ويو آهي ته عمارت ۾ ايمرجنسي نڪرڻ جا رستا موجود نه هئا ۽ باهه کي منهن ڏيڻ لاءِ انتظام نه هئا.
اسلام آباد: صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف ڪراچي ۾ گل پلازا ۾ باهه لڳڻ واري واقعي تي ڏک جو اظهار ڪيو آهي. صدر قيمتي انساني جانين جي نقصان تي تعزيت ۽ سوڳوار خاندانن سان دلي همدردي جو اظهار ڪيو آهي. صدر آصف علي زرداري هدايت ڪئي آهي ته سنڌ حڪومت ۽ لاڳاپيل ادارا متاثر ماڻهن ۽ واپارين کي فوري ۽ هر ممڪن مدد فراهم ڪن ۽ زخمين کي بهترين طبي سهولتون فراهم ڪرڻ ۾ ڪا به ڪسر نه ڇڏي وڃي.وزيراعظم شهباز شريف جو چوڻ آهي ته ماڻهن جي جان ۽ مال جي حفاظت لاءِ سڀ قدم کنيا وڃن ۽ متاثر واپارين ۽ ٻين فردن کي هر ممڪن مدد فراهم ڪئي وڃي. شهباز شريف اهو به چيو ته سڀئي لاڳاپيل ادارا بچاءُ جي آپريشن ۾ گڏجي ڪم ڪن ۽ سوڳوار خاندان غم ۾ برابر جا شريڪ آهن. ٻئي طرف، گهرو وزير محسن نقوي به گل پلازا ۾ باهه لڳڻ واري واقعي ۾ قيمتي جانين جي نقصان تي ڏک جو اظهار ڪيو ۽ فوتين جي خاندانن سان همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو، جڏهن ته زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا به ڪئي.
-
ٻڌو هو گل پلازا ۾ سيل لڳي آهي، ڪهڙي خبر هئي ته موت لڳل آهي: شهري
ڪراچي (رپورٽر) گل پلازا جي باهه ۾ خريداري لاءِ آيل 21 سالن جي ڇوڪري پڻ گم آهي، گم ٿيل ڇوڪري جو والد ڏکاري انداز ۾ ڳالهائيندي چيو ته ٻڌو هو ته ٻڌو هو ته گل پلازا ۾ سيل لڳي آهي ڪهڙي خبر ته موت لڳي آهي، والد ٻڌايو ته 21 سالن جي ڌيءُ اندر آهي، فون بند ٿي ويا آهن، سموريون اسپتالون چيڪ ڪيون پر ڪاخبر ناهي ملي، گل پلازا جي ٻاهران گذريل رات کان ئي ماڻهو پنهنجي پيارن جي خبر ملڻ جا منتظر آهن، حادثي ۾ خاندان جو سڀ کان ننڍڙو 20 سالن جو عامر پڻ فوت ٿي ويو، جنهن جي موت کان ٿوري دير اڳ پنهنجي ڀاءُ سان فون تي ڳالهه ٻولهه ٿي هئي.
-
ڪجهه ماڻهو باهه واقعي تي سياست ڪن پيا، وزيراعظم رابطو ناهي ڪيو: مراد علي شاهه
ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه گل پلازا ۾ پيش آيل باهه جي حوالي سان چيو آهي ته ڪجهه ماڻهو هن سانحي تي سياست ڪري رهيا آهن، جڏهن ته وزيراعظم اڃا تائين ذاتي طور رابطو ناهي ڪيو، سنڌ حڪومت واپارين جي نقصان جو شفاف ۽ مناسب ازالو ڪندي، مراد علي شاهه گل پلازا جو دورو ڪندي ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته هو پاڻ ڪراچي ۾ موجود نه هو ۽ رات دير سان باهه لڳڻ جو اطلاع مليو هو، ميئر ڪراچي ۽ چيف سيڪريٽري سان مسلسل رابطو ۾ هئس، جڏهن ته صوبائي وزير سعيد غني پڻ واقعي واري هنڌ جو دورو ڪيو، مراد علي شاهه چيو ته واقعو انتهائي افسوسناڪ آهي، ڪجهه ماڻهو سياست ڪري رهيا آهن، وزيراعظم اڃا تائين ذاتي طور رابطو نه ڪيو آهي، پر ميڊيا مان ڏٺو آهي ته انهن نوٽيس ورتو آهي، رپورٽن موجب تقريبن 58 ماڻهو گم آهن ۽ دعا آهي ته اهي جلد محفوظ ملن، مراد علي شاهه ياد ڏياريو ته اڳ ۾ بولٽن مارڪيٽ ۽ ٽمبر مارڪيٽ ۾ به اهڙا سانحا ٿيا هئا، جن ۾ صدر آصف علي زرداري وفاق کان مدد ڪرائي ۽ واپارين کي مالي امداد فراهم ڪئي وئي ۽ گل پلازا ۾ به اهڙو ئي شفاف ازالو ڪيو ويندو، هن حادثي ۾ خاص طور تي ننڍن واپارين کي نقصان پهتو آهي ۽ ان سلسلي ۾ شفاف جاچ ڪرائي ويندي ۽ متاثرن کي مناسب مالي مدد فراهم ڪئي ويندي، ان کان اڳ سنڌ جي وڏي وزير سنڌ مراد علي شاهه گل پلازا ۾ پيش آيل باهه جي واقعي جو نوٽيس ورتو ۽ ڪمرشل عمارتن ۾ فائر سيڪيورٽي انتظامن جي جاچ لاءِ هدايتون جاري ڪيون، وڏي وزير مراد علي شاهه ڪمشنر ڪراچي کي هدايت ڪئي ته واقعي جي فوري انڪوائري ڪئي وڃي ۽ باهه جي سببن جي سڃاڻپ ڪري رپورٽ پيش ڪئي وڃي، گل پلازا ۽ ٻين عمارتن ۾ فائر سيفٽي انتظامن جو مڪمل معائنو ڪيو وڃي، مراد علي شاهه فائر سيفٽي قانونن تي سخت عملدرآمد جو حڪم ڏيندي ڪراچي جي ڪمرشل عمارتن ۾ فوري فائر آڊٽ ڪرڻ جو حڪم ڏنو، هن سانحي ۾ ڳري مالي نقصان تي پڻ افسوس ظاهر ڪندي باهه بجھائڻ دوران شهيد فائر فائٽر جي قرباني کي خراج عقيدت پيش ڪيو. مراد علي شاهه چيو ته فائر فائٽرز پنهنجي جان کي خطري ۾ وجهي شهرين جي زندگيون بچايون، هن چيو ته مستقبل ۾ اهڙن واقعات کان بچاءُ لاءِ حفاظتي قدم وڌيڪ موثر بڻايا وڃن. عوام جي جان ۽ مال جي تحفظ لاءِ سڀئي ادارا هميشه الرٽ ۽ تيار رهڻ گهرجن، واپاري برادري کي اڪيلو نه ڇڏينداسين.
-
باهه کي منهن ڏيڻ لاءِ انتظامن جي کوٽ، گل پلازا مان هنگامي رستا نه هئا: رپورٽ
ڪراچي (رپورٽر) گل پلازا جي عمارت جو وڏو حصو ڪرڻ بعد رپورٽ ظاهر ڪئي وئي آهي ته عمارت ۾ ايمرجنسي نڪرڻ جا رستا موجود نه هئا ۽ باهه کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪو به انتظام نه هو، رپورٽ موجب گل پلازا 1995ع ۾ تعمير ٿي، شروعاتي طور تي بيسمينٽ، گرائونڊ ۽ پهرين منزل تائين هئي، 2003ع تائين مختلف وقتن ۾ عمارت ۾ ٽي وڌيڪ فلورز ٺاهيا ويا، رپورٽ موجب عمارت ۾ شروعاتي طور 500 دڪان هئا پر وڏن دڪانن کي ورهائي وڌيڪ دڪان جوڙيا ويا، جنهن سان دڪانن جو انگ 500 مان وڌي 1200 ٿي ويو، رپورٽ ۾ واضح ڪيو ويو آهي ته عمارت ۾ ايمرجنسي نڪرڻ جا رستا موجود نه هئا ۽ باهه کي منهن ڏيڻ لاءِ انتظام نه هئا، ٻئي طرف، گل پلازا ۾ لڳندڙ باهه 22 ڪلاڪن تائين جاري رهي ۽ مڪمل طور نه وسائي نه وئي، جنهن سبب عمارت ۾ ڦاٿل ماڻهن سان رابطو ختم ٿي ويو.
-
نااهلي ۽ بدعنواني سبب ڪراچي ناقابل ڪنٽرول ٿي چڪو آهي
ڪراچي(عوامي آواز رپورٽ)سوشل ميڊيا تي گل پلازه ۾ باهه واقعي تي سنڌ حڪومت تي سخت تنقيد هلي رهي آهي، سينيئرصحافي مظهر عباس چيو ته “اسان رڳو حادثي کان پوءِ ردعمل ڏيکاريندا آهيون، اڳ ۾ ڪڏهن به عملي قدم ناهن کڻندا۔ جيڪڏهن سنڌ حڪومت ڪجهه سال اڳ جيل روڊ ڀرسان هڪ ڊپارٽمينٽل اسٽور ۾ لڳندڙ هولناڪ باهه کان پوءِ، جنهن ۾ ڪيترين ئي قيمتي جانين جو نقصان ٿيو هو، ڪي مؤثر قدم کنيا هجن ها ته شايد اڄ گل پلازا جو سانحو پيش نه اچي ها هن وڌيڪ چيو ته هن معاملي ۾ به ڪجهه خاص ٿيڻ وارو ناهي، مان سالن کان چئي رهيو آهيان ته نااهلي ۽ بدعنواني سبب ڪراچي ناقابلِ انتظام ۽ ناقابلِ ڪنٽرول ٿي چڪو آهي۔”سينيئر صحافي عصمت ملڪ لکيو ته ڪراچي جي گل پلازا ۾ موتمار باهه اهڙي وقت لڳي آهي، جڏهن ڪجهه ڏينهن اڳ بلاول ڀٽو زرداري ايوانِ صدر ۾ سنڌ حڪومت جي ڪارڪردگي پيش ڪئي هئي۔ هي سانحو سرڪاري دعوائن ۽ ڪراچي ۾ تحفظ، ضابطن ۽ شهري نظم و نسق جي زميني حقيقت جي وچ ۾ موجود فرق کي انتهائي دردناڪ نموني ظاهر ڪري ٿو۔ صحافي حسن عباس لکيو ته “گل پلازا جي باهه سنڌ حڪومت ۽ ڪراچي ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن جي ڪراچي فائر بريگيڊ سان گڏ سالن جي غفلت کي وائکو ڪري ٿي ڪجهه سوشل ميڊيا استعمال ڪندڙن عوامي غفلت ڏانهن به نشاندهي ڪئي۔اينڪر پرسن اشعر عالم چيو ته اتفاق سان ڪالهه مان گل پلازا جي سامهون واقع روبي پلازا اڳيان هڪ وڊيو رڪارڊ ڪري رهيو هوس۔ اتي دڪاندارن اعتراض ڪيو، ڇاڪاڻ ته هنن مون کي فائر ايگزٽس جي کوٽ، عمارت جي خراب حالت ۽ غير محفوظ اليڪٽرڪ وائرنگ سسٽم جو ذڪر ڪندي ٻڌي ورتو هو،مصنف ۽ صحافي مهوش اعجاز به چيو ته “گل پلازا ڪيترن ڏهاڪن کان ڪراچي جي سڃاڻپ جو اهم حصو رهيو آهي، ۽ ان سان جيڪو ڪجهه ٿيو اهو واقعي هڪ الميو آهي۔ بهرحال اهڙو حادثو ڪٿي به ٿي سگهي ٿو، ڇاڪاڻ ته اسان جي عمارتن ۽ شاپنگ سينٽرن ۾ حفاظتي انتظامن جي سخت کوٽ آهي،ڪراچي جا ڪجهه رهواسي گل پلازا بابت پنهنجا ماضي جا تجربا به شيئر ڪندا رهيا۔ڪراچي جي هڪ رهواسڻ “رامين” نالي ايڪس (ٽوئيٽر) صارف ٻڌايو ته “امان پنهنجو ڏاج گل پلازا مان ورتو هو۔ سندن پسنديده ماربل جو ڊنر سيٽ اڄ به گل پلازا جي ياد ڏياري ٿوواپاري شخصيت فيصل احمد جعفري چيو ته گل پلازا منهنجي دل جي تمام ويجهو آهي،فيصل احمد وڌيڪ لکيو ته انهن دڪاندارن لاءِ دل تمام گهڻو اداس آهي، جن پنهنجو سڀ ڪجهه وڃائي ڇڏيو،
-
سنڌ ۾ ڪرپٽ نظام خلاف تحريڪ هلائينداسين
ڪراچي/حيدرآباد (پ ر+رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي جنرل سيڪريٽري محمد يوسف چيو آهي ته 17 سالن کان سنڌ تي مسلط پيپلز پارٽي جي حڪومت صحت، تعليم، صنعت ۽ زراعت کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي. سڄي سنڌ ڪچي ۽ پڪي جي ڌاڙيلن جي گهيري ۾ آهي، ڪراچي ۾ به قبضا ڪري اختيار حاصل ڪيا ويا آهن. ڪچري ۽ گندگي سبب حيدرآباد ۾ مليريا جا ڪيس وڌي ويا آهن، سنڌ ۾ هر طرف لا قانونيت آهي. زراعت جي معاملي ۾ به آبادگارن جو معاشي قتل ڪيو پيو وڃي، وڏي تعداد ۾ آبادگار مايوس ٿي زراعت جو پيشو ڇڏي رهيا آهن، جڏهن ته ڪيترائي ڊاڪٽر ۽ انجنيئر ملڪ ڇڏي ٻاهر وڃي رهيا آهن. جماعت اسلامي مينارِ پاڪستان تي وڏو اجتماع عام ڪيو، جنهن ۾ سنڌ جو ڪيس وڙهيو ويو. جماعت اسلامي هن بدبودر ۽ ڪرپٽ نظام خلاف تحريڪ هلائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن حيدرآباد پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. ان موقعي تي امير جماعت اسلامي ضلع حيدرآباد حافظ طاهر مجيد، جنرل سيڪريٽري محمد حنيف شيخ ۽ ڊپٽي جنرل سيڪريٽري حافظ سفيان ناصر پڻ موجود هئا. محمد يوسف وڌيڪ چيو ته خانداني سياسي پارٽيون عوام کي ڪجهه به ڏئي سگهڻ جي اهل ناهن، ماڻهو انهن پارٽين کان هاڻي نجات چاهين ٿا. هر ڀيري فارم47 ذريعي چونڊن ۾ چوڌرين ۽ وڏيرن کي عوام تي مڙهيو وڃي ٿو. اسان فيصلو ڪيو آهي ته سنڌ ۾ ڪرپٽ نظام خلاف تحريڪ هلائينداسين. پيپلز پارٽي فقط هڪ خاندان ۽ ڪجهه وڏيرن جو نالو آهي،هن چيو ته اڄ سنڌ جو ٻيو نمبر وڏو شهر حيدرآباد کنڊر جو منظر پيش ڪري رهيو آهي. هتي جا صنعتي ادارا بند آهن ۽ تعليمي سهولتن جي کوٽ سبب نوجوان پنهنجي مستقبل بابت پريشان آهن. بدامني جو ته حال اهو آهي جو سنڌ ۾ پوليس تي 2900 حملا ٿيا آهن. ڪنڌڪوٽ مان وڏي پيماني تي ڪاروباري ماڻهو پنهنجو ڪاروبار بند ڪري ٻين علائقن ڏانهن منتقل ٿي ويا آهن.
-
ڪراچي ۾ سال دوران باهه جا 2600 واقعا،فائر سسٽم ۽فائر برگيڊ گاڏين جو انگ سواليه؟
ڪراچي(شهزاد اقبال)ڪراچي ۾ هڪ سال ۾ 2600 ننڍا وڏا باهه لڳڻ جا واقعا ٿي چڪا آهن،جڏهن به اهڙو ڪو واقعو ٿيندو آهي ته هڪ ته اهو اشو اٿندو آهي ته ڪراچي ۾ موجود عمارتن ۾ فائر سسٽم موجود آهي يا نه؟سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي انهن شين جي نگراني ڪري ٿي يا نه؟2023ع ۾ عدالت ۾ جمع ڪرايل رپورٽ موجب 265 عمارتن جي سروي ۾ 155 عمارتن ۾ فائر الارم سسٽم موجود نه هئڻ جو انڪشاف ٿيل آهي،سمورين عمارتن ۾ ڪنهن وٽ به فائر ڊپارٽمينٽ جي اين او سي ناهي،رپورٽ ته عدالت ۾ جمع ٿي وئي پر ان عمل جي درستگي لاءِ ڪيل واعدي تي عمل نه ٿيو،فائر برگيڊ جي ٻه ارب رپين جي بجيٽ آهي،ڪراچي ۾ موجود فائر ٽينڊرز به 2021ع ۾ وفاقي سرڪار جي فنڊنگ سان خريد ڪيون ويون هيون،جڏهن ته سنڌ حڪومت پاران 2021ع ۾ 89 فائر برگيڊ گاڏين لاءِ ٽينڊر گهرايو ويو هو،چار سالن ۾ ان ٽينڊر تي اڳڀرائي نه ٿي سگهي آهي،اطلاعن مطابق فائر برگيڊ گاڏين جو انگ 89 مان گهٽائي 34 ڪيو ويو پوءِ به خريد نه ڪيون ويون،ٽي مهينا کن اڳ چيف فائر آفيسر محمد همايون ٻڌايو هو ته هن وقت انهن وٽ ڪراچي ۾ 28 فائر اسٽيشن آهن،50 کن فائر برگيڊ گاڏيون آهن،هن چيو ته ڪراچي جهڙي شهر ۾ 200 فائر اسٽيشنون هئڻ گهرجن،50 خريد ڪيل فائر ٽينڊرز جو ٻن سالن کان مينٽيننس جو معاهدو ئي تجديد ناهي ڪيو ويو،
-
بي آر ٽي منصوبي سبب ريسڪيو گاڏين کي گل پلازا پهچڻ ۾ دير ٿي!
ڪراچي (رپورٽر) سنڌ ۾ ريسڪيو 1122 جي عملدار گل پلازا ۾ باهه بجھائڻ دوران پيش آيل مشڪلاتن جو سبب علائقي ۾ جاري تعميراتي ڪم قرار ڏنو، ريسڪيو 1122 جي ترجمان حسان الحسيب ٻڌايو ته باهه واري جاءِ جي ويجهو بي آر ٽي منصوبو سبب زمين کوٽائي ۽ رستا سوڙها هجڻ ڪري ريسڪيو گاڏين کي گل پلازا تائين پهچڻ ۾ ڏکيائيون پيش آيون، ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته هڪ طرف رستا سوڙها هئا ۽ ٻئي طرف ماڻهو صرف تماشو ڏسڻ لاءِ موجود هئا، جنهن سبب سمورا رستا بلاڪ ٿي ويا ۽ واٽر باؤزر کي پهچ ۾ ڏکيائي پيش آئي، حسان الحسيب وڌيڪ ٻڌايو ته ٻيو چيلنج اهو هو ته عمارت ۾ داخل ٿيڻ ۽ ٻاهر نڪرڻ جا صحيح رستا مقرر نه هئا، جنهن سبب ريسڪيو ٽيم کي زبردستي نئون رستو ٺاهڻو پيو، هڪ چئلينج اهو به هو ته دڪاندار پنهنجو سامان بچائڻ جي ڪوشش ڪري جاءِ حادثي کان پري نه ويا، جنهن سبب ريسڪيو آپريشن ۾ رڪاوٽ پيدا ٿي، حسان الحسيب موجب باهه تي تقريبن 60 سيڪڙو ڪنٽرول ڪيو ويو، پر عمارت جا ڪجهه حصا وقفي وقفي سان ٻيهر باهه ۾ ڀڙڪندا رهيا، هن ٻڌايو ته عمارت سخت متاثر ٿي آهي، پٺئين حصي جو ڀڃڪڙو ٿي چڪو آهي ۽ اڳئين حصو ڪنهن به وقت ڪري پيو سگهي ٿو.
-
گل پلازا ۾ شادي خريداري لاءِ آيل ٻن خاندانن جا 12 ماڻهو گم
ڪراچي (رپورٽر) ٽئين درجي جي باهه جو شڪار ٿيندڙ عمارت گل پلازا ۾ ٻن الڳ الڳ شادين جي خريداري لاءِ آيل ٻن خانداننجا 12 ماڻهو گم ٿي ويا، جن ۾ عورتون ۽ ٻار پڻ شامل آهن، ايم اي جناح روڊ تي واقع باهه واري عمارت ٻاهران موجود وارثن ٻڌايو ته ڪرن نالي ڇوڪري جي شادي لاءِ سندس ماءُ ڪوثر ۽ ٻيا گهرڀاتي خريداري ڪرڻ گل پلازا ويا هئا، پر گذريل رات کان پوءِ سندن سان رابطو ختم ٿي ويو، گم عورتن کي ڳولڻ لاءِ آيل مامو ۽ مامي ٻڌايو ته سندن خاندان ويجهو ئي رهندو آهي، گل پلازا جي باهه واري واقعي ۾ سندن خاندان جا 6 ميمبر لاپتا آهن، جن ۾ ڪنوار ڪرن جي ماءُ ڪوثر، سندس اڪيلو پٽ سعد، ڀاءُ اشرف ۽ ڇوڪري مصباح شامل آهن، وارثن ٻڌايو ته هنن گم ٿيل عورتن ۽ ٻارن کي مختلف اسپتالن ۾ به ڳوليو، پر ڪٿي به ڪو پتو نه پئجي سگهيو نه ئي فوت ٿيلن جي فهرستن ۾ سندن نالا شامل آهن، شادي جي خريداري لاءِ گل پلازا ويندڙ هڪ ٻئي خاندان جا به 6 ماڻهو گم آهن، جن ۾ 45 ورهين جو تنوير احمد، 42 ورهين جو عمر نبيل، 33 ورهين جي عائشه سميع، 18 ورهين جو عبدالله، 15 ورهين جو سفيان ۽ 11 ورهين جو علي بن عمر شامل آهن، گل پلازا ۾ باهه لڳڻ کان پوءِ ڪيترائي شهري پنهنجي پيارن جي ڳولا ۾ پريشان نظر اچي رهيا آهن. هڪ شهري ٻڌايو ته آخري ڀيرو سندس ڀاءُ سان ڳالهه ٿي ته هن چيو هو ته باهه لڳل آهي، مون کي بچايو، مان مري ويندس، گل پلازا ۾ ڪم ڪندڙ دڪاندار عارف به لاپتا آهي، جنهن جي چاچي ٻڌايو ته عارف آخري فون ڪال تي چيو هو ته مان باهه سان وڙهي رهيو آهيان، مون کي بچايو.
-
ڏک جي گهڙي ۾ متاثر خاندانن سان گڏ آهيون:بلاول ڀٽو
ڪراچي (رپورٽر) پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري گل پلازا ۾ پيش آيل خوفناڪ باهه جي نتيجي ۾ قيمتي انساني جانين جي ضايع ٿيڻ ۽ وڏي مالي نقصان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو ، بلاول ڀٽو زرداري باهه واري واقعي ۾ فوت ٿيل ماڻهن جي وارثن سان دلي تعزيت ڪندي چيو ته هو هن ڏکئي گهڙي ۾ متاثر خاندانن جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهن، هن زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ پڻ نيڪ تمنائن جو اظهار ڪيو، بلاول ڀٽو زرداري سنڌ جي وڏي وزير ۽ ميئر ڪراچي کي هدايت ڪئي ته باهه وسائڻ ۽ ريسڪيو آپريشن لاءِ سڀ موجود وسيلا استعمال ڪيا وڃن ۽ متاثر ماڻهن کي هر ممڪن امداد فراهم ڪئي وڃي، بلاول ڀٽو زرداري واقعي جي فوري ۽ شفاف جاچ جو حڪم ڏيندي چيو ته آتشزدگي جي سببن جو تعين ڪيو وڃي ۽ مستقبل ۾ اهڙن افسوسناڪ واقعن کان بچاءُ لاءِ اثرائتا قدم کنيا وڃن، جيئن شهرين جي جان ۽ مال جي تحفظ کي يقيني بڻائي سگهجي.
-
23 ڪلاڪن کان پوءِ مرتضيٰ وهاب، گل پلازا پهتو، واپارين جو احتجاج
ڪراچي (رپورٽر) ايم اي جناح روڊ تي گل پلازا ۾ لڳل باهه واقعي بعد ميئر ڪراچي بئرسٽر مرتضيٰ وهاب تقريبن 23 ڪلاڪ جي دير سان سانحي واري هنڌ پهتو، جتي هُن جي اچڻ تي متاثر واپارين جو سخت احتجاج ڪيو، واپارين طرفان ميئر ڪراچي نامنظور جا نعرا هنيا ويا، واپارين جو چوڻ هو ته اوهان هن وقت تائين ڪٿي هئا، اسان جو سڀ ڪجهه سڙي ويو آهي، حڪومت هن وقت تائين باهه تي ڪنٽرول ناهي ڪري سگهي، واپارين مرتضيٰ وهاب تي طنز ڪندي چيو ته 23 ڪلاڪن کان پوءِ اوهان آيا آهيو، اوهان بس 10 هزارن جو اي چالان وٺو، اسان ٽيڪس ڏيندڙ آهيون، اهڙو رويو قبول ناهي، اوهان هيترا ڪلاڪ گذرڻ بعد آيا آهيو ايئن ڪٿي ٿيندو آهي، اسان بنيادي سهولتن ۽ بر وقت امداد کان محروم آهيون، ميڊيا سان ڳالهائيندي ميئر ڪراچي بئرسٽر مرتضيٰ وهاب چيو ته ڪجهه ماڻهن نعره لڳايا، پر هو عوام جي تڪليف کي سمجهن ٿا، باهه تي مڪمل ڪنٽرول ۽ ڪولنگ جو عمل ڪڏهن مڪمل ٿيندو، ان بابت هڪ وقت نٿو ٻڌائي سگهجي، ميئر ٻڌايو ته واپارين جي ڄاڻ موجب هڪ رستو اهڙو آهي جنهن کان فائر فائٽر اندر داخل ٿي سگهن ٿا، گم ٿيل ماڻهن کي بچائڻ لاءِ ريسڪيو آپريشن جاري آهي ۽ عمارت جي پٺئين حصي کان پڻ آپريشن ڪيو پيو وڃي، فائر فائٽر 24 ڪلاڪن کان باهه وسائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، تقريبن 65 ماڻهو لاپتا آهن ۽ ماڻهن جي وڏي انگ سبب امدادي ڪارروايون مشڪل ٿي رهيون آهن، هڪ فائر فائٽر ڊيوٽي دوران شهيد ٿي ويو، عوام جذباتي آهي ۽ هو انهن جي ڏک کي سمجهي ٿو، فائر برگيڊ واقعي تي وقت سر پهچي وئي، فائر برگيڊ وقت تي نه پهچڻ جي ڳالهه درست ناهي.
-
فائر برگيڊ گاڏيون دير سان پهچڻ جو تاثر غلط آهي
ڪراچي(پ ر+عوامي آواز رپورٽ)سنڌ جي سينئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ گل پلازا ۾ باهه لڳڻ جي افسوسناڪ واقعي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي۔پنهنجي بيان ۾ شرجيل انعام ميمڻ چيو ته هي انتهائي المناڪ سانحو آهي، جنهن ۾ قيمتي انساني جانيون ضايع ٿيون آهن۔ حڪومت متاثر خاندانن جي ڏک ۾ برابر جي شريڪ آهي۔ هن ٻڌايو ته واقعي جي اطلاع ملڻ شرط ئي رات کان سرڪاري مشينري موقعي تي پهچي وئي ۽ موجود سڀني وسيلن سان باهه تي ضابطو آڻڻ لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪيون ويون۔هن ٻڌايو ته ريسڪيو ۽ فائر فائٽنگ جي عمل دوران جديد اوزار استعمال ڪيا پيا وڃن، جن ۾ هاءِ ريچ اسنارڪلز، فوم ۽ ڪولنگ سسٽمز شامل آهن، جڏهن ته سڀ لاڳاپيل ادارا صورتحال تي لڳاتار نظر رکي رهيا آهن۔هن چيو ته واقعي جي مڪمل جاچ جاري آهي ته جيئن معلوم ٿي سگهي ته باهه ڪيئن لڳي ۽ ان جا سبب ڇا هئا۔ واقعي بابت هڪ فيڪٽ فائنڊنگ رپورٽ پڻ تيار ڪئي ويندي، جنهن جي بنياد تي ايندڙ قدم طئي ڪيا ويندا۔هن چيو ته گل پلازا هڪ پراڻي عمارت آهي ۽ باهه لڳڻ جي حتمي سببن بابت جاچ مڪمل ٿيڻ کان پوءِ ئي حقيقت سامهون ايندي۔ حڪومت ڪنهن به قسم جي قياس آرائي کان پاسو ڪري رهي آهي ۽ معاملي جي هر پاسي کان جاچ ڪئي پئي وڃي،هوڏانهن نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي هن چيو ته واپاري برادري لاءِ گهڻو احترام آهي پر اهو ممڪن ناهي ته فائر برگيڊ گاڏيون ڏيڍ ڪلاڪ دير سان پهتيون،هينئر به واٽر ٽئنڪر وڏي انگ ۾ اتي موجود آهن،پاڻي جي به ڪا کوٽ ناهي،هن چيو ته ڪراچي ۾ هن وقت 90 سيڪڙو عمارتون پراڻيون آهن،نين عمارتن ۾ سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي سختي ڪئي آهي،اتي فائر الارم سسٽم موجود آهي،هن چيو ته پراڻيون عمارتون خالي ڪرايون ويون آهن،هن چيو ته پوري پاڪستان ۾ اهو اشو آهي،وڏي وزير فائر برگيڊ گاڏين جي انگ بابت آڊٽ رپورٽ گهرائي آهي،اسان کي ته پورو انگ ٻڌايو ويو آهي،هن چيو ته 89 يا 34 نين فائر برگيڊ گاڏيون ٽينڊر باوجود خريد نه ڪرڻ جو لاڳاپيل کاتو ئي ٻڌائي سگهي ٿو،منهنجي علم ۾ اهڙي ڄاڻ ناهي،هن چيو ته مون کي ياد آهي ته عمران اسماعيل جي گورنري جي دور ۾ فائر برگيڊ گاڏين جي هڪ کيپ هتي پهتي هئي،
-
بلاول جون وڏيون دعوائون گل پلازه جي دونهين ۾ اڏامي ويون؟
ڪراچي/نيويارڪ/اسلام آباد(شهباز گل+عمران شفقت )ڪراچي گل پلازا ۾ لڳل باهه تي اڃا تائين ڪنٽرول نه ٿي سگهيو آهي.اهو واقعو خاص طور تي حيران ڪندڙ آهي ڇاڪاڻ ته سنڌ حڪومت جي دعوائن ۽ سيشنن جي باوجود، حقيقي صورتحال بلڪل ابتڙ آهي. بلاول ڀٽو زرداري اسلام آباد ۾ دعويٰ ڪري رهيو هو ته سنڌ ۾ ترقي ٿي رهي آهي ۽ سفيرن کي متاثر ڪرڻ لاءِ آڇون ڪيون ويون، جڏهن ته حقيقت ۾ گل پلازا ۾ تباهي ۽ عوام جو نقصان جاري هو.اهو صرف ڪراچي جو واقعو ناهي؛ پنجاب ۽ ٻين علائقن ۾ به اهڙي ئي خراب صورتحال آهي. جڏهن بحران پيدا ٿئي ٿو، حڪومت جو ردعمل اڪثر نه هجڻ جهڙو هوندو آهي، ۽ انتظاميا جا وڏا اهلڪار صرف پنهنجي تصوير ٺيڪ ڪرڻ ۾ مصروف هوندا آهن.گل پلازا ۾ لڳندڙ باهه سنڌ حڪومت جي ترقي جي دعوائن کي ظاهر ڪري ٿي. بلاول ڀٽو زرداري وڏي بريفنگ ذريعي سنڌ جي ترقي جون دعوائون ڪندو ريهو، خاص طور تي صحت واري شعبه ۾، پر حقيقت ۾ ڪراچي ۾ تباهه ڪاري ۽ عوام جو نقصان جاري آهي.ڪراچي هڪ بدقسمت شهر آهي. سنڌ حڪومت جي ترقي جا دعوائون ڪيئن به هجن، پر حقيقت ۾ ڪراچي ۾ ڪو به اهم ڪم نظر نه ٿو اچي. گل پلازا ۾ لڳندڙ باهه اهو واضح ڪري ٿو ته ڪراچي ۾ ايمرجنسي سروسز ۽ انتظاميا جا ڪم ڪيترا ناقص آهن. ڪراچي جي عوام لاءِ بهترين طريقو اهو آهي ته ميئر کي مڪمل اختيار ڏنو وڃي ته هو هر معاملي تي جوابده هجي، ۽ هر ذميواري ۽ اختيار سندس هٿ ۾ هجي.