هر صوبي جا وسيلا اتان جي عوام حوالي ڪيا وڃن: عامر نواز وڙائچ

ڪراچي (عوامي آواز رپورٽ) ڪراچي ۾ پي ٽي آءِ جي اي پي سي کي خطاب ڪندي ڪراچي بار جي صدر عامر نواز وڙائچ جو چوڻ هو ته پاڪستان جي آئين کي ڪڏهن به مڪمل طور تي تسليم نه ڪيو ويو، ماڻهن کي ان تي مختلف هنڌن تي يقين نه هو ۽ ان تي آڱريون کنيون ويون. پر حڪومت پاران مسلسل ڪيل ترميمن ۽ خاص طور تي عدليه ۾ ڪيل تبديلين ثابت ڪيو آهي ته هي موجوده آئين لاڳو ڪرڻ جي قابل ناهي يا جيڪڏهن ان تي عمل به ٿئي ٿو ته ان ۾ اهم سڌارن جي ضرورت آهي. آئين جي 26 هين ترميم جي ڳالهه ڪندي، توهان ڏٺو ته ان ۾ سينيئرٽي جو اصول ختم ڪيو ويو هو. ان جو واحد مقصد سڀني ججن کي پيغام ڏيڻ هو، چاهي اهي هاءِ ڪورٽ ۾ هجن يا سپريم ڪورٽ ۾، ته جيڪڏهن توهان اسان جي ڳالهه نه ٻڌندا ته توهان اعليٰ عهدن تي پهچي نه سگهندا. ان جي هڪ مثال لاڙڪاڻي ۾ ڏئي سگهجي ٿو  جتي هڪ جج هڪ ايس پي جي بدلي جو حڪم ڏنو هو ڇاڪاڻ ته هو امن امان جي صورتحال کي ڪنٽرول ڪرڻ جي قابل نه هو. ايس پي ته بدلي نه ٿيو پر جج کي بدلي ڪيو ويو. ساڳئي طرح، سکر ۾ هڪ ٻئي جج سنڌ ۾ ٽول ٽيڪس تي مهيني جي رپورٽ جو حڪم ڏنو هو، پر جڏهن رپورٽ نه ملي ته ان کي به بدلي  ڪيو ويو. هي عدليه جي حالت آهي. آئين ۾ 27 هين ترميم بابت چوندو آهيان ته جنهن طريقي سان هي ترميم آئي ان جو عدليا تي فوري اثر پيو. هڪ ڏينهن ترميم منظور ٿي، ٻئي ڏينهن چيف جسٽس جو اعلان ٿيو ۽ ٽئين ڏينهن چيف جسٽس وفاقي آئيني عدالت جي چيف جسٽس طور حلف کنيو. هن رفتار سان ڪا به نوڪري يا عهدو نه ڏنو ويندو آهي. ان کان پوءِ، جڏهن اسان آئين ۾ اهم سڌارن جي ڳالهه ڪريون ٿا، ته منهنجي راءِ اها آهي ته هر صوبي جا وسيلا ان صوبي کي ڏنا وڃن. اهي سٺو ڪن يا خراب، اها انهن جي ذميواري آهي. گهٽ ۾ گهٽ اهو يقيني بڻائيندو ته ڪو به صوبو ٻئي تي الزام نه لڳائي سگهندو. پاڪستان ۾ اڄ جي آئيني صورتحال اها آهي ته جيڪڏهن ڪو ماڻهو حڪومت يا رياست جي مفادن خلاف آواز بلند ڪري ٿو، ته سڄي پاڪستان ۾ ان لاءِ ڪو به رليف ناهي. تازو، سنڌ ۾ ٻن ٻارن، غني امان چانڊيو ۽ سرمد ميراڻي، کي گهر مان کنيو ويو، احتجاج ڪيو ويو، احتجاج سبب هو مسنگ پرسن نه ٿي سگهيا ۽ جڏهن انهن بابت عدالتي ڪيس آيو ته پوليس حراست ۾ ورتو ويو. جڏهن عدالت سندن بريت جو حڪم ڏنو ته پوليس فوري طور تي کين حراست ۾ وٺي ڇڏيو. جڏهن پوليس وارن کان پڇيو ويو ته انهن چيو ته اسان کي حڪم ڏنو ويو آهي ته اسان ڄاڻون ٿا ۽ جج ڄاڻي، توهان کي عدالت ۾ پيش ناهي ڪرڻو. هي صورتحال واضح طور تي ظاهر ڪري ٿي ته آئيني تحفظ جي کوٽ آهي ۽ اسان وٽ انصاف لاءِ ڪو پليٽ فارم ناهي، ۽ اسان کي متحد ٿي هن صورتحال کي تبديل ڪرڻ گهرجي. جيستائين 26 هين ۽ 27 هين آئيني ترميمون موجود آهن، ڪو به ماڻهو، سياسي هجي يا قومي قيدي هجي، جيستائين معافي نه وٺي ۽ توبه نه ڪري، ٻاهر نه ٿو اچي سگهي، توهان کي ڪٿي به ڪو رليف نه ملندو. ڪراچي بار ايسوسيئيشن ۽ ٻين پارٽين سان گڏ، 26 هين ۽ 27 هين آئيني ترميمن جي خلاف ٺهراءَ منظور ڪيا آهن، اسان انهن ترميمن کي رد ڪريون ٿا. اسان آئين جي تحفظ ۽ پاڪستان جي بهتري لاءِ ضروري هاڪاري  ترميمن جي حمايت ڪريون ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.