سن ۾ رستا روڪ ۽ ڪيسن جي مذمت ڪريون ٿا:نواز زئور

حيدرآباد(پ ر)جيئي سنڌ قومي پارٽي جي چيئرمين نواز خان زئور، محمد علي خشڪ، عروج سنڌو، حاجن گل، ڪامريڊ يوسف ڪنڀار، فراز سنڌي، وڪيل خاصخيلي، عبدالوهاب چانڊيو ۽ تراب جتوئي چيو آهي تہ پهرين سن جي رستا روڪ ڪرڻ ۽ بعد ۾ عورتن سميت مختلف ڪارڪنن ۽ اڳواڻن تي ڪيس داخل ڪرڻ سرڪاري دهشتگردي آهي، جنهن عمل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا. سن جي رستي روڪ ۽ ڪيسن داخل ڪرڻ جي ذميوار سنڌ حڪومت آهي. پ پ حڪومت غيرسياسي ۽ آمراڻن حربن وسيلي سنڌ جي سياسي ماحول کي گدلو ۽ خراب ڪري رهي آهي. سياسي گدلاڻ قبول نٿي ڪري سگهجي. ھنن وڌيڪ چيو ته پيپلزپارٽي پاڻ سنڌ ۾ جلسا ڪري رهي آهي، پر مخالف پارٽين ۽ ٻين فڪري سياسي مرڪزن جي رستي روڪ ڪري رهي آهي، جيڪو عمل جمهوريت جي روح جي منافي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.