وڏي وزير پاران گل پلازا ۾ باهه جي واقعي جو نوٽيس، ڪمرشل عمارتن جي فائر سيفٽي آڊٽ جي هدايت

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) وڏي وزير گل پلازا ۾ باهه جي واقعي جو نوٽيس وٺندي ڪمشنر کي فوري طور انڪوائري جي هدايت ڪري ڇڏي.
ترجمان موجب مراد علي شاهه ڪمشنر کي باهه جا ڪارڻ معلوم ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.
وڏي وزير هدايت ڪئي آهي ته عمارت ۾ فائر سيفٽي انتظامن جي جاچ ڪئي پئي وڃي.
ترجمان موجب وڏي وزير فائر سيفٽي قانونن تي سختي سان عملدرآمد جو حڪم ڏيندي ڪراچي جي ڪمرشل عمارتن ۾ فوري طور فائر آڊٽ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.