اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي کاتي جي ترجمان طاهر حسين اندرابي چيو آهي ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ غزا لاءِ قائم ڪيل ”بورڊ آف پيس“ ۾ وزيراعظم شهباز شريف کي شموليت جي دعوت ڏني آهي.
پرڏيهي کاتي جي ترجمان موجب پاڪستان کي غزا بابت بورڊ آف پيس ۾ شامل ٿيڻ جي باقاعده دعوت ملي آهي، پاڪستان غزا ۾ امن ۽ سلامتي لاءِ عالمي ڪوششن ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪندو رهندو، غزا ۾ پائيدار امن لاءِ پاڪستان عالمي برادري سان رابطي ۾ رهندو.
هن چيو ته فلسطين مسئلي جو مستقل حل گڏيل قومن جي ٺهرائن موجب ٿيڻ گهرجي، پاڪستان وچ اوڀر ۾ ڊگهي امن لاءِ سفارتي ڪوششن جي حمايت جاري رکندو.
واضح رهي ته وائيٽ هائوس ٽرمپ جي منصوبي تحت غزا بورڊ آف پيس جي ميمبرن جي نالن جو اعلان ڪيو هو.
غزا ۾ بورڊ آف پيس جو قيام ٽرمپ جي امن منصوبي جو حصو آهي، اهو بورڊ سيڪيورٽي، انساني امداد ۽ نئين سر تعمير جي منصوبن ۾ هم آهنگي کي يقيني بڻائڻ سان گڏ فلسطيني اٿارٽي ۽ حڪومت ۾ سڌارن لاءِ به مدد ڪندو.
ٻئي پاسي اسرائيل غزا بورڊ جي جوڙجڪ کي رد ڪندي چيو آهي ته هي بورڊ اسرائيلي حڪومت جي پاليسي جي خلاف آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياھو جي آفيس مان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته هن بورڊ جي جوڙجڪ لاءِ اسرائيل سان رابطو ناهي ڪيو ويو، اسرائيلي پرڏيهي وزير اهو معاملو آمريڪي پرڏيهي وزير اڳيان اٿاريندو.
ٽرمپ غزا لاءِ بورڊ آف پيس ۾ وزيراعظم شهباز شريف کي شموليت جي دعوت ڏني آهي: پرڏيهي کاتو
You might also like