ڪراچي: گل پلازا ۾ لڳل باهه تي اڃا تائين ضابطو نه اچي سگهيو، فائر فائيٽر سميت 6 ڄڻا فوت

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي ايم اي جناح روڊ تي گل پلازا ۾ لڳل باهه تي اڃا تائين ضابطو نه اچي سگهيو، جڏهن ته هڪ فائر فائيٽر سميت 6 ڄڻا فوت ۽ ڪيترائي زخمي آهن.
ڇنڇر جي رات تقريبن سوا 10 وڳي گل پلازا جي گرائونڊ فلور تي باهه لڳي، جيڪا ڏسندي ئي ڏسندي ٽين ماڙ تائين پهچي وئي.
ريسڪيو ذريعن موجب باهه لڳڻ سبب هڪ فائر فائيٽر سميت 6 ڄڻا فوت ٿي ويا، جڏهن ته 20 زخمي ٿيا، جن کي اسپتال نيو ويو ۽ انهن جي حالت به ڳڻتيءَ جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.
فائر بريگيڊ اختيارين موجب 20 فائر ٽينڊڙز ۽ 4 اسنارڪلز جي مدد سان باهه تي ضابطو آڻڻ جون ڪوششون جاري آهن، پاڻي ۽ فوم جو استعمال به ڪيو پيو ڃي، پاڪ بحريا جي فائر ٽينڊرز به باهه وسائڻ ۾ مصروف آهن.
عمارت ۾ گيس ليڪيج سبب ڌماڪو ٿيو، جنهن کانپوءِ باهه پکڙجي وئي، باهه لڳڻ سبب گرائونڊ فلور سان سمورا دڪان سڙي ويا، شاپنگ پلازا ۾ هڪ هزار 200 کان وڌيڪ دڪان آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.