ٽيم ڀارت نه موڪلڻ جو معاملو، پاڪستان بنگلاديش جي مڪمل حمايت ۾ ميدان ۾ اچي ويو، آءِ سي سي لاءِ نئون ڏچو

لاهور (ويب ڊيسڪ) بنگلاديش ڪرڪيٽ ٽيم طرفان ورلڊ ڪپ لاءِ ڀارت نه وڃڻ جي معاملي تي پاڪستان بنگلاديش کي مڪمل حمايت جي خاطري ڪرائي آهي.
حڪومتي ذريعن موجب ٽيم ڀارت نه موڪلڻ جي معاملي تي بنگلاديشي حڪومت جو پاڪستاني حڪومت سان رابطو ٿيو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن بنگلاديش جو مسئلو حل نه ڪيو ويو ته پاڪستان ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ شرڪت جي فيصلي جو جائزو وٺندو.
ذريعن موجب پاڪستاني اختيارين جو چوڻ آهي ته بنگلاديش جا خدشا درست آهن، مسئلو حل ٿيڻ گهرجي، ڀارت کي ڪنهن ملڪ کي ڊيڄارڻ ۽ ڌمڪائڻ جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.