عورت مڙس کي قتل ڪري لاش گهر جي اڱڻ ۾ دفنائي ڇڏيو

مالاڪنڊ (ويب ڊيسڪ) مالاڪنڊ جي علائقي پراڻي سخاڪوٽ ۾ زال مڙس کي قتل ڪري لاش گهر جي اڱڻ ۾ دفنائي ڇڏيو.
پوليس اختيارين موجب پراڻي سخاڪوٽ ۾ لطف الرحمان نالي شهري ڪيترن ئي ڏينهن کان گم ٿو، سندس ڀائرن گمشدگي جي رپورٽ داخل ڪرائي، مالاڪنڊ ليويز واقعي جي جاچ شروع ڪئي ۽ ان جي گهرواري کي به جاچ ۾ شامل ڪيو.
جاچ ۾ جوابدار عورت پنهنجي مڙس کي قتل ڪرڻ جو اعتراف ڪيو، ليويز سندس نشاندهي تي گهر ۾ کوٽائي ڪري لاش ڪڍي ورتو.
پوليس جو چوڻ آهي ته قتل ۾ استعمال ٿيل هٿيار بند برآمد ڪيو ويو آهي، جڏهن ته واقعي جي حوالي سان وڌيڪ جاچ جاري آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.