گل پلازا ۾ باهه کانپوءِ ڪيترائي ماڻهو گم، وارث پريشان

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ گل پلازا ۾ باهه لڳڻ کانپوءِ ڪيترائي ماڻهو گم آهن.
ڊي سي ڏکڻ موجب هيل تائين 16 گم ٿيل ماڻهن جي گهر ڀاتين رابطو ڪيو آهي.
گم ٿيلن جا وارث مختلف اسپتالن ۾ پنهنجي پيارن جي ڳولا ۾ مصروف آهن، سندن چوڻ آهي ته اسان جو رات تائين رابطو هو پر هاڻ نمبر بند آهن.
سول اسپتال جي برنس سينٽر ٻاهران به متاثرن جا وارث وڏي انگ ۾ موجود آهن، وارثن کي خدشو آهي ته ڪيترائي ماڻهو هاڻ به عمارت اندر موجود آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.