ڪراچي/اوٽاوا(حنيف دوامي) ڊي آءِ جي ٽريفڪ پير محمد شاهه غير معمولي بهادري ۽ بي مثال دليري جو مظاهرو ڪيو آهي، هو شايد سنڌ پوليس، بلڪه پاڪستان پوليس جو پهريون اهڙو آفيسر آهي جنهن ميڊيا جي سامهون کليءَ طرح اها حقيقت بيان ڪئي ته پاڪستان دنيا جي سڀ کان وڌيڪ ڪرپٽ ملڪن مان هڪ آهي.ان کان اڳ ڪنهن به سرڪاري آفيسر ۾ اها جرئت ۽ همت نظر نه آئي هئي ته هو اهڙي کري ڳالهه ڪري. هڪ وڊيو ڪلپ ۾ ڊي آءِ جي ٽريفڪ چئي رهيو آهي ته پاڪستان جهڙي ڪرپٽ ملڪ ۾ جيڪڏهن هڪ قانون پاس ڪرڻ سان توهان پوري ڊپارٽمينٽ مان ڪرپشن ختم ڪريو، ته منهنجي خيال ۾ ان تي نوبل انعام ملڻ گهرجي. اسان سسٽم ۾ نيون شيون متعارف ڪرايون آهن، جنهن جا نتيجا اچڻ شروع ٿي ويا آهن. توهان ڪيترا ماڻهو معطل ڪري سگهو ٿا؟ جڏهن ڊسڪريشن ختم ڪئي وڃي ۽ ٿوري ٽيڪنالاجي آندي وڃي، ته حقيقت ۾ سسٽم اندر سٺي حڪمراني اچي ٿي.هي وڊيو ڪلپ ڏسڻ ۽ ٻڌڻ کانپوءِ چئي سگهجي ٿو ته پير محمد شاهه انتهائي جرئت، دليري ۽ بهادري جو مظاهرو ڪيو آهي.هن جيڪا ڳالهه ڪئي آهي، اها بلڪل درست آهي. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته پاڪستان ۾ بي انتها ڪرپشن آهي پر هن ڪرپشن جو اعتراف نه سياستدان ڪندا آهن ۽ نه ئي اهي سرڪاري آفيسر، جيڪي پاڻ ڪرپشن ۾ ٻڏل آهن. پير محمد شاهه بلڪل صحيح ٿو چوي ته هن اي-چالان جو نئون نظام متعارف ڪرايو آهي، جيڪو سڄي دنيا ۾ هلي رهيو آهي.پر هن وقت ڪراچي جا سڀ ڊرائيور، موٽر سائيڪل سوار ۽ ڪار سوار اي-چالان جي زد ۾ آهن. انهن کي “قرباني جو ٻڪرو” بڻايو پيو وڃي.انهيءَ نئين نظام کان پوءِ، جيڪي ماڻهو متاثر ٿي رهيا آهن، انهن پنهنجي سڄي ڪاوڙ ٽريفڪ پوليس تي ڪڍڻ شروع ڪري ڏني آهي. ٽريفڪ پوليس جي آفيسرن کي گاريون ڏنيون وڃن ٿيون، ۽ ڪوشش اها آهي ته هي نظام ختم ڪرايو وڃي.اهڙي صورتحال ۾ ڊي آءِ جي ٽريفڪ پير محمد شاهه کي اهڙو ڪڙو سچ چوڻو پيو.سوال اهو آهي ته مقتدر حلقا ۽ وڏا پاليسي ميڪر اڃا تائين خاموش ڇو آهن؟ڇو ته جيڪا ڳالهه هن ڪئي آهي، اها غلط ناهي.