ڪراچي/ حيدرآباد/ سکر (نمائندن وٽان) سائين جي ايم سيد جي 122هين سالگرهه جي تقريبن ۾ شرڪت لاءِ سن ويندڙ قافلن جي سڄي سنڌ ۾ رستا روڪ ڪئي وئي، مختلف رستن تي پوليس جون گاڏيون بيهاري، رستن تي پٿر رکي ۽ مٽيءَ جا ڍير ٺاهي روڊ رستا بند ڪيا ويا، سوين قومي ڪارڪنن ۽ اڳواڻن کي گرفتار ڪيو ويو، ڪارڪنن پاران سخت مزاحمت ڪئي وئي، مختلف مک رستن تي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا، هزارين ماڻهو رڪاٽون ٽوڙي سن پهچي ويا، ان سلسلي ۾ ٻڌايو ويو ته ميرپوربٺورو مان سن ويندڙ قومپرست ڪارڪنن جي رستا روڪ ڪئي وئي، اسلم خيرپوري، نواز خان زئور جي قافلن کي پوليس سائين جي ايم سيد جي سالگرهه ۾ وڃڻ کان روڪي ڇڏيو، قومپرست اڳواڻن جو پوليس جي رستا روڪ خلاف مک روڊ ۽ ٿاڻي آڏو ڌرڻو هنيو ويو، قومپرست اڳواڻن پاران مين بس اسٽاپ تي سائين جي ايم سيد جي سالگرهه جو ڪيڪ ڪاٽيو ويو، جسقم آريسر جو مرڪزي چيئرمين اسلم خيرپوري ۽ جيئي سنڌ قومي پارٽي جو چيئرمين نواز خان زئور وڏي تعداد ۾ ڪارڪنن سان گڏ ميرپوربٺورو ٿاڻي اڳيان ڌرڻو هڻي ويٺل رهيا، اسلم خيرپوري ۽ نواز خان زئور چيو ته پرامن ڪارڪنن جي رستا روڪ ڪري رياستي ڏاڍ جو ثبوت ڏنو ويو آهي، سن طرف ويندڙ قومپرست ڪارڪنن جي رستا روڪ ڪري رياستي ڏاڍ ۽ ظلم جو ثبوت ڏنو ويو آهي هنن وڌيڪ چيو ته سن جي رستا روڪ ڪندڙ وزير اعلي مراد علي شاهه سنڌ جو غدار آهي جنهن سنڌ جا درياهه وڪرو ڪري ڇڏيا سنڌ جي تاريخ کيس ڪڏهن به معاف نه ڪندي، غدار هميشه ڪنا ٿي مئا آهن مراد علي شاهه به ڪنو ٿي مرندو، رياستي ادارا اسان قومي ڪارڪنن جي رستا روڪ ڪري سگهن ٿا پر فڪر جي ايم سيد تان ڪڏهن به هٿ نٿا کڻائي سگهن، هي ملڪ نه هلندو ڀلي چائنا کي وٺي اچن يا آمريڪا جي پيرن ۾ پون هي ملڪ ختم ٿيڻو آهي، پنجاب جي بالادستي نه رهندي، اسين سن نه پهتاسين ڪو مسئلو ڪونهي ڀلي اسان تي ڪيس داخل ڪري ڇڏيو اسين ٿاڻي تان واپس نه وينداسين، ٽنڊو محمد خان ۾ پوليس جي وڏن اٽالن جيئي سنڌ هلچل جي باني سائين جي ايم سيد جي سالگرھ لاءِ سن ويندڙ قافلن کي مختلف هنڌن تي روڪڻ لاءِ گاڏين جي ڊرائيورن کي گرفتار ڪري گاڏين جون چاٻيون پوليس پنهنجي قبضي ۾ وٺي ڇڏيون ، قافلن جي روڪڻ تي حيدرآباد بدين سجاول روڊ ۽ ٻين روٽن تي ڪارڪنن احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا جنهن سبب ٽرئفڪ جام رهي ، پوليس جيئي سنڌ جي مختلف گروپن کان علاوه سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي ڪارڪنن جي گرفتارين لاءِ گهرن تي ڇاپا لڳايا ، بلڙي شاھ ڪريم ۽ ٽنڊو محمد خان مان ٽن ڪارڪنن کي گرفتار ڪري ورتو ، پوليس گرفتار ڪيل ڪارڪنن جي گرفتاري کان لاعلمي ظاهر ڪري ڇڏي، ڀٽ شاھ ۾ به سن ويندڙ جسقم جي ريلين جي رستا روڪ ڪئي وئي، ڀٽ شاھ پوليس درگاھ ڀٽائي تي حاضري بعد سن طرف روانو ٿيندڙ جسقم ڪارڪن جي رستا روڪ ڪري 15 کان وڌيڪ ڪارڪنن کي گرفتار ڪري ورتو، جيڪب آباد سان تعلق رکندڙ ڪارڪنن کي پوليس جي وڏن اٽالن شهر جي داخلي مک روڊ تي روڪي ورتو، ڊي ايس پي ھالا محمد يعقوب ٻرڙو ۽ ايس ايڇ او ڀٽ شاھ حماد الله آخوند جي اڳواڻي ۾ پوليس جي وڏي نفري شهر جي داخلي روڊ تي جسقم قافلن کي روڪي ورتو، حراست ۾ ورتل ڪارڪنن جي فنگر پرنٽ بعد انهن کي ڀٽ شاه هٿاڻي تي لاڪپ ڪيو ويو، گرفتار ڪيل ڪارڪنن ۾ بشير احمد پٺاڻ، فرحان سولنگي، جنيد ميراڻي، اشفاق ابڙو، انور سولنگي، علي رضا ابڙو، لشڪر خان رند، بابل گهنيون ۽ ٻيا شامل هئا، هالا کان سنڌي قومپرست سياست جي باني سائين جي ايم سيد جي 122هين سالگرهه جي موقعي تي کيس خراج عقيدت پيش ڪرڻ لاءِ هالا کان سن ويندڙ قافلي تي پوليس ڪڙڪي پئي هالا پوليس مختلف هنڌن تان ڪارروائي ڪندي 10 کان 15 قومي ڪارڪنن کي رستي تان کنڀي نامعلوم هنڌ منتقل ڪري ڇڏيو جنهن ڪري سندن وارثن ۽ سياسي تنظيمن ۾ سخت ڳڻتي واري لهر پکڙيل آهي گرفتار ٿيل ڪارڪنن ۾ جمن لاکو، رضاسولنگي، عبدالشيد ڏيٿو، اياز سهتو، الطاف کماڻ، ڀورو چانڊيو، فيضان سنڌي، سعيدالله چانڊيو، شاهزيب لاکو، شرجيل ملاح، ناري تحريڪ اڳواڻ الهبچائي ملاح سميت ٻيا شامل آهن جن جو جسقم جي مختلف تنظيمن سان تعلق ٻڌايو پيو وڃي، جيڪي سالگره جي مک تقريب ۾ شرڪت لاءِ سن وڃي رهيا هئا، حڪومت مڪمل بوکلاهٽ جو شڪار ٿي وئي، موٽروي ايم نائين، ٽي موڙ، پيٽارو ٽول پلازا، سن مک چوڪ انڊس هاءِ وي، خيرپور لاڙڪاڻو پل، آمري پل سميت ڪيترن ئي هنڌن تي پوليس جا وڏا اٽالا مقرر رڪاوٽون وجھي سن ويندڙ قافلن جي رستا روڪ ڪئي وئي، قافلن کي روڪيو ويو، پيٽارو ٽول پلازه وٽ قافلا روڪڻ تي سوين ڪارڪنن ڌرڻو هنيو، ڪيترن ئي هنڌن تي ڪارڪنن ۽ پوليس ۾ ڇڪتاڻ جاري رهي، سن ۾ عوامي سمنڊ اٿلي پيو، گرفتارين ۽ رستا روڪ باوجود هزارين ماڻهو سن پهچڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا، جڏهن ته رهبر سنڌ سائين جي ايم سيد جي 122هين جنم ڏينهن جي موقعي تي جيئي سنڌ فريڊم موومينٽ پاران سنڌ ۽ بلوچستان مان جبري کنڀي گم ڪيل قومي ڪارڪنن کي فوري طور آزاد ڪرائڻ جي نعري هيٺ ريلي ڪڍي وئي، ريلي ضلعي صدر سعيد تيوڻو، هوشو سنڌي ۽ حفيظ ديشي جي اڳواڻي ۾ ڪڍي وئي، جنهن ۾ جسفم ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ريلي مختلف رستن تان گذرندي آخرڪار رهبر سنڌ سائين جي ايم سيد جي مزار تي پهتي، جتي سنڌوديش جي قومي تراني سان ڀيٽا پيش ڪئي وئي ۽ سائين جي ايم سيد جي 122هين سالگرهه جو ڪيڪ ڪاٽيو ويو.