ميھڙ (رپورٽ: فراز چنا) ميھڙ واقعي کي 8 سال ٿي ويا، مقتولن جي 8 هين ورسي ام رباب چانڊيو پاران ماسات جي فوتگي سبب سادگي سان ميھڙ تمندار ھائوس تي ملھائي وئي، ورسي جي موقعي تي گھر ۾ قرآن خواني ڪئي وئي مقتولن جي وارثن ام رباب چانڊيو، ڪيس جي فريادي پرويز چانڊيو ۽ ٻين پاران مزارن تي حاضري ڀري وئي، ام رباب چانڊيو پنھنجي والد تمندار مختيار چانڊيو، ڏاڏي اڳوڻو يوسي چيئرمين ڪرم الله چانڊيو ۽ چاچي ضلعي ڪائونسل ميمبر قانون جي شاگرد قابل چانڊيو جي هين8 ورسي جي موقعي تي وڪالت جو ڪوٽ پائي ھٿن ۾ ڏيئا ٻاري ڀيٽا پيش ڪئي ۽ سرداري نظام خلاف نعرو ھنيو، ام رباب چانڊيو ورسي جي موقعي تي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته مسلسل 8 سالن کان بابا، ڏاڏي ۽ چاچي جي خون سان انصاف لاءِ ھر در وئي آھيان، مان پر اميد آھيان ته مونکي ضرور انصاف ملندو ۽ مونکي جڏھن به انصاف ملندو ته ان وقت سرداري نظام جو خاتمو ايندو، مون سرداري نظام خلاف امن جو جهنڊو کنيو آھي، مان پهريان اڪيلي جنگ وڙهي رھي ھئس پر ھاڻ ھي ڪارو ڪوٽ به انصاف لاءِ وڙهندو رهندو، قانوني جي شاگردياڻي آھيان، آخري دم تائين جنگ جاري رکنديس، عدالتون مظلومن جي حقن لاءِ آھن ھي فيصلو سنڌ، بلوچستان ۽ پوري پاڪستان جي فتح ثابت ٿيندو، سرداري نظام جي خاتمي لاءِ ھي ھڪ ام رباب نه پر سوين ام رباب مرڻ لاءِ تيار آھن، عدالتن لاءِ سواليه نشان آھي ته 8 سالن تائين فيصلو اچي نه سگھيو آھي ڪيس ھن وقت آخري مرحلي ۾ ھلي رھيو آھي، پر اميد آھيون ته اسان کي انصاف ضرور ملندو، سردار اسان کي هيسائڻ لاءِ پنهنجن ماڻهن ذريعي هٿيارن سان هراسان ڪري رهيا آهن، اسان عوامي عدالتن مان سرخرو ٿي چڪا آھيون اسان کي ڏسڻو آھي ته عدالتون ڪيترو جلد انصاف ڏيارڻ لاءِ فيصلو ڏئي رھيون آھن، اسان مٿن سان ڪفن ٻڌي نڪتا آھيون مون سميت ھر مظلوم کي انصاف ملندو، ام رباب چيو ته جاھلن کي ڪير سمجھائي ته ھي ڪورٽ ۾ چون ٿا تمندار ڪائونسل نه ھئي پر تمندار ڪائونسل جاگيردارن ۽ ظالمن خلاف لاءِ ھئي منھنجي بابا پنھنجي حياتي ۾ چيو ھو ته اسان جي تمندار ڪائونسل سردارن جاگيردارن ظالمن خلاف آھي، برھان چانڊيو چوي ٿو ته مان جلسي ۾ ھئس پر ھنن جا پنھنجا شاھد ئي ھنن خلاف شاھدي ڏئي چڪا آھن، هن چيو ته مونکي سياست لاءِ آڇ ٿي آھي پر مون کي ڪا به اھڙي سياسي پارٽي نظر نه آئي جيڪا مظلومن سان گڏ بيھي پر مونکي جيڪڏهن ڪا پارٽي مظلومن جي حقن لاءِ نظر ايندي ته پوءِ مان سوچينديس، پي ٽي آءِ طرفان مونکي مخصوص سيٽ جي آڇ ٿي ھئي پر مون اھو فيصلو ان وقت دوران قبول نه ڪيو ھو منھنجي پيپلزپارٽيءَ سان ڪا ذاتي دشمني نه آھي، پيپلزپارٽيءَ ۾ جاگيردار ۽ سردار ويٺل آھن ان ڪري انھن مٿان تنقيد ٿيندي رھي ٿي، مان 17 سالن جي ھئس ۽ پيپلزپارٽيءَ جو حصو ھئاسين پر پيپلز پارٽيءَ اسان سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪيو آھي، منشيات جو فصل ڪنھن وٽ ٿئي ٿو ادارا ان جي جاچ ڪن ھي ھميشه حاضري دوران اھڙا من گهڙت الزام ھڻندا آھن پر اسان پر اميد آھيون ته اسان کي عوامي عدالتن جيئان قانوني عدالتن مان به انصاف ملندو.