ڇا 10 رپين جو نوٽ ختم ٿيڻ وارو آهي؟ حڪومت وڏو قدم کڻي ورتو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حڪومت 10 رپين جو نوٽ برقرار رکڻ يا ختم ڪرڻ جي حوالي سان خاص ڪميٽي جوڙي ڇڏي، ڪميٽي 10 رپين جي نوٽ جي جاءِ تي سڪو متعارف ڪرائڻ جي حوالي سان جائزو وٺندي.
وفاقي حڪومت پاڪستان جي ڪرنسي ۾ وڏيون تبديليون ۽ نوان نوٽ جاري ڪرڻ جي حوالي سان اهم قدم کڻڻ شروع ڪري ڇڏيا.
وفاقي ڪابينا 10 رپين جي نوٽ کي برقرار رکڻ يا ختم ڪرڻ جي حوالي سان غور ويچار لاءِ ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب جي سربراهي ۾ هڪ خاص ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي.
ڪميٽي کي ٽاسڪ ڏنو ويو آهي ته اها 10 رپين جي نوٽ جي تياري تي ايندڙ لاڳت جو جائزو وٺي ۽ سفارشون پيش ڪري ته ڇا ان نوٽ کي جاري رکڻ گهرجي يا ان جي جاءِ تي 10 رپين جو سڪو متعارف ڪرائڻ فائديمند هوندو.
ڪميٽي جي سفارشن جي روشني ۾ ئي وفاقي ڪابينا حتمي فيصلو ڪندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.