آمريڪا پاڪستان سان گڏيل فوجي مشقن کي دفاعي لاڳاپن ۾ نئون رُخ قرار ڏئي ڇڏيو

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۽ آمريڪي فوج جي گڏيل مسق انسپائرڊ گمبٽ سان دفاعي ڀائيواري وڌيڪ مضبوط ٿي وئي، آمريڪا پاڪستان سان گڏيل مشق انسپائرڊ گمبٽ کي دفاعي لاڳاپن ۾ نئون رُخ قرار ڏئي ڇڏيو.
آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ (سينٽ ڪام) جي آفيشل ايڪس اڪائونٽ تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته هلندڙ هفتي آمريڪي ۽ پاڪستاني فوج نيشنل ڪائونٽر ٽيررازم سينٽر پبي ۾ مشق انسپائرڊ گمبٽ دوران تربيت مڪمل ڪئي.
ان گڏيل مشق ۾ انفنٽري جي مهارتن، جديد حڪمت عملين ۽ دهشتگردي خلاف ڪارروائين تي خاص ڌيان ڏنو ويو، مشق ٻنهي ملڪن جي فوجن وچ ۾ گڏيل اعتماد، هم آهنگي ۽ عملي سهڪار کي وڌيڪ مضبوط ڪيو.
واضح رهي ته انسپائرڊ گمبٽ 2026 مشق 8 کان 16 جنوري 2026 تائين منعقد ڪئي وئي، انسپائرڊ گمبٽ 1995 کان جاري ٻه طرفي تربيتي سلسلي جي 13هين ڪڙي آهي، آمريڪا ۽ پاڪستان جون اهي گڏيل تربيتي مشقون پراڻي دفاعي لاڳاپن جي عڪاسي آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.