”هاڻ سم بلاڪ نه ٿيندي“ پي ٽي اي جو سمنڊ پار پاڪستانين لاءِ وڏي سهولت جو اعلان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي (پي ٽي اي) ٻاهرئين ملڪ پاڪستانين لاءِ هڪ اهم سهولت جو اعلان ڪيو آهي، جنهن تحت هاڻ سمنڊ پار پاڪستاني پنهنجي موبائل فون سروس کي بنا وقفي استعمال ڪري سگهندا ۽ ٻاهرئين ملڪ رهڻ دوران انهن جي پاڪستاني سم بلاڪ نه ڪئي ويندي.
پي ٽي اي جو چوڻ آهي ته ان فيصلي جو مقصد سمنڊ پار پاڪستانين کي آساني فراهم ڪرڻ ۽ کين پنهنجي موبائل سم جي ملڪيت برقرار رکڻ ۾ مدد ڏيڻ آهي.
اٿارٽي وڌيڪ ٻڌايو ته ٻاهرئين ملڪ پاڪستاني ان سهولت مان فائدو کڻڻ لاءِ پنهنجي لاڳاپيل موبائل سروس فراهم ڪندڙ ڪمپني سان رابطو ڪري سگهن ٿا.
ان قدم سان سمنڊ پار پاڪستانين کي پاڪستان سان مسلسل رابطي جي سهولت ملندي.
پي ٽي اي چيو ته ادارو ٻاهرئين ملڪ پاڪستانين کي بااختيار بڻائڻ لاءِ پرعزم آهي ۽ عالمي سطح تي ڊجيٽل رابطن کي هٿي ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.