انڊونيشيا ۾ مسافر جهاز اڏام ڀرڻ کان ڪجهه دير بعد اوچتو گم، ڳولا جاري

جڪارتا (ويب ڊيسڪ) انڊونيشيا ۾ ڇنڇر ڏينهن هڪ ننڍو مسافر جهاز اوچتو ريڊار تان گم ٿي ويو.
اختيارين موجب اڏام جي ڪجهه ئي وقت کانپوءِ جهاز جو رابطو ڪٽجي ويو، جنهن کانپوءِ فوري طور ڳولا ۽ ريسڪيو جون ڪارروائيون شروع ڪيون ويون.
ميڊيا رپورٽن ۾ چيو ويو آهي ته اهو ٽربو پروپ جهاز يوگياڪارتا کان روانو ٿيو هو ۽ ان جو رُخ سولاويسي ٻيٽ جي شهر مڪاسر ڏانهن هو، جهاز ۾ ڪُل 11 ڄڻا سوار هئا، جنهن ۾ 3 مسافر ۽ 8 عملي جا ميمبر شامل آهن.
جهاز جو ڪنٽرول ٽاور سان رابطو اوچتو ڪٽجي ويو، آخري هنڌ مڪاسر ڀرسان ماروس ريجنسي جو جابلو علائقو ٻڌايو ويو، جتي فوري طور امدادي ٽيمون موڪليون ويون.
مقامي سرچ اينڊ ريسڪيو اداري جي سربراهه محمد عارف انور موجب زميني ۽ فضائي ٻنهي سطحن تي ڳولا جاري آهي، فضائيا، پوليس ۽ مقامي رضاڪار ان مشن ۾ ڀرپور طريقي سان حصو وٺي رهيا آهن.
هوڏانهن سرچ اينڊ ريسڪيو آپريشن جي سربراهه اندي سلطان ٻڌايو ته جهاز جي ڳولا لاءِ هيلي ڪاپٽر ۽ جديد ڊرون استعمال ڪيا پيا وڃن ته جيئن ڏکين جابلو علائقن جي بهتر نگراني ڪري سگهجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.