تهران (ويب ڊيسڪ) ايران جي سپريم ليڊر آيت الله خامنه اي چيو آهي ته تازي احتجاج دوران ٿيندڙ جاني ۽ مالي نقصان جو اصل ذميوار ڊونلڊ ٽرمپ آهي.
پنهنجي بيان ۾ آيت الله خامنه اي چيو ته ان احتجاج ۾ آمريڪي صدر سڌي ريت ملوث آهي، ماڻهو مارجڻ، مالي نقصان ۽ عوام خلاف پروپيگنڊا جو اصل ذميوار ٽرمپ ئي آهي.
هن چيو ته تازي ايران خلاف بغاوت ان لحاظ سان مختلف هئي، ڇو ته ان آمريڪي صدر ذاتي طور ملوث هو.
آيت الله خامنه اي الزام هنيو ته ٽرمپ ايراني عوام کي اڪسائڻ، ملڪ ۾ بدامني پکيڙڻ ۽ سوشل ميڊيا ۽ بيانن ذريعي تشدد کي هٿي ڏيڻ ۾ سڌي ريت ڪردار ادا ڪيو.
سندس چوڻ هو ته اهي احتجاج ڪنهن عوامي تحريڪ بدران آمريڪا ۽ ان جي اتحادين جي سازش هئي، جنهن جو مقصد ايران کي عدم استحڪام جو شڪار بڻائڻ هو.
You might also like