حيدر آباد (پ ر) جيئي سنڌ رهبر ڪميٽي طرفان 17 جنوري تي سائين جي ايم سيد جي 122هين سالگرھ جي موقعي سن 3 بجه جلسو ڪيو ويندو، جلسي کي جيئي سنڌ محاذ چيئرمين رياض علي چانڊيو جسقم(ش ب) سربراه ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي جيئي سنڌ قومي پارٽي چيئرمين نواز خان زئور جيئي سنڌ تحريڪ چيئرمين شبير جمالي ۽ ٻيا خطاب. ڪندا 2:30 بجه مزار تي حاضري ڀري ويندي رهبر ڪميٽي سربراه رياض علي چانڊيو چيو آهي ته اڄ سائين جي ايم سيد جي سالگرھ آھي حڪومت طرفان قومي تحريڪ جي ڪارڪنن جي گھرن تي ڇاپا ۽ چڙھايون ڪيون پيون وڃن جنھن جي مذمت ڪريون ٿا سرڪاري ڌر کي جلسا ڪرڻ جي اجازت آھي اپوزيشن پارٽيون جلسا ڪن پيون مذھبي ڌرين کي جلسن جو حق حاصل آھي عدم تشدد جي رھبر سائين جي ايم سيد جي سالگرھ جي جلسي ۾ سرڪار رڪاوٽون وجھي رھي آھي هن چيو ته اسان سائين جي ايم سيد جي ان عدم تشدد واري پاليسي تحت سنڌ جي وسيلن جي وارثي خوشحال ۽ جمهوري آزادي لاءِ جدوجهد ڪريون پيا