اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سعودي عرب ورڪ ويزا تي وڃڻ جي خواهشمندن لاءِ اهم خبر سامهون اچي وئي.
پاڪستان، سعودي عرب جي اداري تڪامول سان اسڪل ويريفڪيشن پروگرام (ايس وي پي) لاڳو ڪرڻ لاءِ معاهدو ڪيو آهي، جڏهن ته مملڪت طرفان پهرين جولاءِ تي ايس وي پي متعارف ڪرايو ويو هو.
سعودي عرب ۾ ڪمائڻ جي خواهش رکندڙ هُنرمندن جن ۾ پاڪستان ۽ ٻين ايشيائي ملڪن جا شهري شامل آهن، انهن کي تڪامول کان مهارت جي تصديق ڪرائڻ لازمي هوندي.
سعودي عرب ۾ ملازمت جي خواهشمند هُنرمندن لاءِ اِها تصديق لازمي شرط قرار ڏني وئي آهي.
پاڪستان مان سعودي عرب وڃڻ جو ارادو رکندڙ اميدوارن کي مملڪت طرفان تيار ڪيل تڪامول ايس وي پي ٽيسٽ پاس ڪرڻي پوندي، هيءَ ٽيسٽ ان ڳالهه کي يقيني بڻائيندي ته مزدور مختلف پيشن لاءِ مقرر ڪيل معيارن تي پورو لهن ٿا.
نيشنل ووڪيشنل ٽيڪنيڪل ٽريننگ ڪميشن (اين وي ٽي ٽي سي) هن پروگرام جي نفاذ ۾ شامل اسٽيڪ هولڊرز جي مدد ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي.
اسڪل سرٽيفڪيٽ لاءِ ڪيئن رجسٽر ٿيو؟
svp-international.pacc.sa/auth/register تي آفيشل ايس وي پي انٽرنيشنل لاگ ان پيج ڏسو.
ايس وي پي جي عمل ۾ حصو وٺڻ لاءِ اميدوارن کي هيٺين مرحلن تي عمل ڪرڻو پوندو.
ضروري ذاتي ۽ پروفيشنل ڄاڻ داخل ڪري پروفائيل مڪمل ڪيو، مهارت جي جاچ لاءِ اسيسمينٽ سينٽر، ٽريڊ ۽ تاريخ چونڊيو.
ان کانسواءِ رول نمبر سلپ ڊائون لوڊ ڪريو، مقرر ڪيل تاريخ، وقت ۽ هنڌ تي ٽيسٽ ۾ شرڪت ڪريو.
تڪامول اسڪل تصديقي سرٽيفڪيٽ جي فيس 50 ڊالر، لڳ ڀڳ 14 هزار 100 رپيا مقرر ڪئي وئي آهي.
سرٽيفڪيٽ ڊائون لوڊ ڪرڻ جو عمل
جيڪڏهن اميدوار ڪاميابي سان امتحان پاس ڪري ٿو ته نتيجو ۽ سرٽيفڪيٽ اسيسمينٽ کان 24 ڪلاڪن اندر پورٽل تي اپ لوڊ ڪيو ويندو.
You might also like