هراري (ويب ڊيسڪ) آءِ سي سي مينز انڊر 19 ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ جي پهرين ميچ ۾ انگلينڊ پاڪستان کي 37 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي.
هراري جي ٽڪشنگا اسپورٽس ڪلب ۾ کيڏيل ميچ ۾ پاڪستان ٽاس کٽي پهريان بالنگ جو فيصلو ڪيو، جيڪو غلط ثابت ٿيو.
انگلينڊ پهريان بيٽنگ ڪندي 47هين اوور ۾ 210 رنسن تي ڍير ٿي وئي، ڪاليب فالڪونر 66، بين ڊوڪنس 33، ريلفي البرٽ 25 ۽ بين مئس 20 رنسون ٺاهي نمايان رهيا.
پاڪستان طرفان احمد حسين ٽي، علي رضا، عبدالسبحان ۽ مومن قمر ٻه ٻه وڪيٽون حاصل ڪيون.
211 رنسن جي هدف جي جواب ۾ پاڪستان ٽيم 47هين اوور ۾ 173 رنسن تي آل آئوٽ ٿي وئي ۽ 37 رنسن تان ميچ هارائي ويٺي.
ڪپتان فرحان يوسف 65 رنسن جي بهترين اننگ کيڏي، ٻين رانديگرن ۾ سمير منهاس 10، محمد شايان 7، عثمان خان 6، احمد حسين 12، حذيفه 17، حمزا ظهور 4 ۽ عبدالسبحان 14 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا، جڏهن ته مومن قمر 18 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو.
انگلينڊ طرفان اليڪس گرين، جيمز مينٽو ۽ ريلفي البرٽ ٻه ٻه وڪيٽون ورتيون، جڏهن ته فرحان احمد ۽ مَني لمسڊن هڪ هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.
ذميواراڻي بيٽنگ تي ڪاليب فالڪونر کي ميچ جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو.
You might also like