بي بي ايل: سمٿ جو اوور جي آخري بال تي سنگل وٺڻ کان انڪار، بابر آپي مان نڪري ويو، وڊيو وائرل

سڊني (ويب ڊيسڪ) آسٽريليا جي ٽي ٽوئنٽي ليگ بگ بيش ۾ سڊني سڪسرز جي نمائندگي ڪندڙ پاڪستاني اسٽار بابراعظم، اوور جي آخري بال تي ساٿي بيٽر اسٽيـو سمٿ طرفان سنگل وٺڻ کان انڪار تي تپي باهه ٿي ويو.
جمعي ڏينهن بگ بيش ليگ دوران بابراعظم ان وقت واضح طور ناراض نظرآيو، جڏهن سندس بيٽنگ پارٽنر اسٽيـو سمٿ سڊني ٿنڊر خلاف بيٽنگ دوران اوور جي آخري بال تي بابر جي کيڏيل شاٽ تي سنگل وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.
سوشل ميڊيا تي شيئر ڪيل وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته سڊني سڪسرز جي اننگز جي 11هين اوور جي آخري بال تي بابراعظم اسٽروڪ کيڏيو، پر اسٽيـو سمٿ سنگل وٺڻ کان انڪار ڪيو ته جيئن هو ايندڙ اوور ۾ پاڻ بالر کي منهن ڏئي.
بابراعظم 11هين اوور ۾ لڳاتار 3 ڊاٽ بال کيڏي چڪو هو ۽ آخري بال تي سنگل وٺي ايندڙ اوور ۾ ٻيهر اسٽرائيڪ حاصل ڪرڻ جو خواهشمند هو.
اسٽيـو اسمٿ طرفان سنگل نه وٺڻ تي بابراعظم مايوسي جو اظهار ڪيو، ان کانپوءِ اڳيئن اوور ۾ سمٿ 4 ڇڪن ۽ چوڪي جي مدد سان 32 رنسون ٺاهي رن ريٽ جو وڌندڙ ٻوجهه گهٽائي ڇڏيو.
اسٽيـو سمٿ جارحاڻو انداز اختيار ڪندي 42 بالن تي سينچري مڪمل ڪئي. جڏهن ته بابراعظم 39 بالن تي 47 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو.
اهڙي ريت سڊني سڪسرز، سڊني ٿنڊرز طرفان مليل 190 رنسن جو هدف آساني سان 18هين اوور ۾ حاصل ڪري ورتو.
واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ بِگ بيش ليگ ۾ ميلبورن رينيگيڊز جي ڪپتان سُست بيٽنگ سبب محمد رضوان کي ” رٽائرڊ آئوٽ“ قرار ڏئي ميدان کان ٻاهر سڏائي ورتو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.