ايندڙ مهيني لاڳيتو چار موڪلون، پر ڇو؟

لاهور (ويب ڊيسڪ) فيبروري جي پهرئين هفتي ۾ واڌو موڪلن جي تجويز غور هيٺ آهي، جنهن کانپوءِ شهرين کي چار ڏينهن موڪل ملڻ جو امڪان آهي.
پنجاب جي راڄڌني لاهور جي شهرين کي فيبروري جي پهرئين هفتي ۾ بسنت جي موقعي تي ڊگهو ويڪ اينڊ ملڻ جو امڪان آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته شهر ۾ چار ڏينهن موڪل ڪرڻ تي غور ڪيو پيو وڃي، ڇو ته 5 فيبروري ڪشمير ڏهاڙي سبب اڳ ئي سرڪاري موڪل آهي، جڏهن ته ڇنڇر ۽ آچر معمول جون موڪلون آهن.
ان کانسواءِ جمعي تي به واڌو موڪل ڏيڻ جي تجويز غور هيٺ آهي، جنهن جي منظوري کانپوءِ شهري چار ڏينهن جي موڪلن مان لطف اندوز ٿي سگهندا.
انتظاميا جو چوڻ آهي ته واڌو موڪل ڏيڻ جو مقصد بسنت جي تقريبن کي محفوظ ۽ خوشگوار بڻائڻ آهي، جڏهن ته موڪلن سبب شهر ۾ ٽريفڪ جو دٻاءُ ۽ غير ضروري موٽر سائيڪل سوارن جي اچ وڃ ۾ به گهٽتائي متوقع آهي.
واضح رهي ته لاهور ۾ اڳ ئي بسنت جون تقريبون 6، 7 ۽ 8 فيبروري تي ڪرائڻ جو اعلان ٿي چڪو آهي، جنهن سان شهرين کي تهوار ملهائڻ ۾ وڌيڪ سهولت حاصل ٿيندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.