تهران (ويب ديسڪ) ايران ۾ سيڪيورٽي جي بگڙجندڙ صورتحال کي نظر ۾ رکندي نيوزيلينڊ تهران ۾ پنهنجو سفارت خانو عارضي طور بند ڪندي عملي کي فوري واپسي جون هدايتون جاري ڪري ڇڏيون.
پرڏيهي خابرو اداري موجب، نيوزيلينڊ جي پرڏيهي کاتي جي ترجمان موجب، تهران ۾ مقرر سفير ۽ عملو ڪمرشل اُڏامن ذريعي ايران مان روانا ٿي چڪو آهي.
پرڏيهي کاتي جي هڪ عهديدار چيو ته” اسان پنهنجن شهرين کي ايران جو سفر نه ڪرڻ جي صلاح ڏني آهي ۽ ايران ۾ موجود پنهنجن شهرين کي جلد کان جلد اتان نڪري وڃڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.“
پرڏيهي کاتي جي ترجمان جو چوڻ آهي ته انٽرنيٽ جي بندش ۽ رابطن جي مسئلن سبب کين ايران ۾ موجود پنهنجن شهرين کي قونصلر مدد فراهم ڪرڻ ۾ سخت ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.
واضح رهي ته ان کان اڳ برطانيا، ڀارت ۽ جرمني جي سفارت خانن به ايران ۾ پنهنجون سرگرميون عارضي طور معطل ڪري ڇڏيون هيون.