نئين دهلي/تهران/ واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪا طرفان ٻيهر پابنديون لاڳو ڪرڻ کانپوءِ ڀارت کي هڪ ٻيو وڏو ڌچڪو لڳو آهي.
ڀارتي ميڊيا موجب، ڀارت عملي طور ايران جي چابهار بندرگاهه کان ڌار ٿي رهيو آهي.
ڀارتي ميڊيا جو چوڻ آهي ته ڀارت پابنديون لاڳو ٿيڻ کان اڳ ايران کي طئي ڪيل 120 ملين ڊالر جي رقم ادا ڪري ڇڏي آهي، جنهن کانپوءِ هاڻي ايران اهو رقم ڀارت جي شموليت کانسواءِ بندرگاهه تي سرگرمين لاءِ استعمال ڪري سگهي ٿو.
ڀارتي ميڊيا موجب، چابهار بندرگاهه جي ترقي ۽ آپريشن جي ذميوار پبلڪ سيڪٽر ڪمپني، انڊيا پورٽس گلوبل لميٽيڊ (آءِ پِي جِي ايل) جي بورڊ مان حڪومت جا نمائندا به گڏيل طور استعيفائون ڏئي چڪا آهن، ان کانسواءِ آءِ پي جي ايل جي آفيشل ويب سائيٽ کي به غيرفعال ڪيو ويو آهي.
چابهار بندرگاهه کان خاموشي سان عليحدگي واري معاملي تي اپوزيشن جماعت ڪانگريس طرفان مودي سرڪار تي سخت تنقيد ڪئي پئي وڃي.
ڪانگريس اڳواڻ پون کيڙا سوال اٿاريندي چيو آهي ته سوال چابهار بندرگاهه يا روسي تيل جو ناهي، سوال اهو آهي ته مودي آمريڪا کي ڀارت جي ٻانهن مروڙڻ جي اجازت ڇو ڏئي رهيو آهي؟
هن وڌيڪ چيو ته آمريڪي دٻاءَ تي چابهار کان غير رسمي طور پوئتي هٽڻ پرڏيهي پاليسي ۾ نئين ڪمزوري ظاهر ڪري ٿو.
واضح رهي ته سال 2024ع ۾ ڀارت 10 سالن لاءِ ايران جي چابهار بندرگاهه جو انتظام سنڀاليو هو.
آمريڪا طرفان ٻيهر پابنديون لاڳو، ڀارت کي وڏو ڌڪ، چابهار بندگاهه کان ڌار ٿي ويو
You might also like