”دعا آهي فواد جي زندگيءَ جو نئون سفر سڪون ڀريو هجي“ فضا علي جو اڳوڻي مڙس جي ٻي شادي تي پيغام

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني اداڪارا ۽ ميزبان فضا عليءَ اڳوڻي مڙس فواد فاروق جي ٻي شاديءَ تي سندس لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو آهي.
سماجي رابطن جي ويب سائيٽ انسٽاگرام تي فضا علي پنهنجي نياڻي فرال جي سندس پيءُ سان ويجهڙائي واري وڊيو شيئر ڪئي ۽ ان تي ڊگهو ڪيپشن لکيو.
ڪيپشن ۾ اداڪارا لکيو ته ” زندگي هميشه سڌي ناهي هوندي، اِها ڪڏهن ڪڏهن اهڙي پاسي کڻي ايندي آهي جتي گوڙ کان وڌيڪ صبر ڳالهائيندو آهي.“
هن چيو ته ” اڄ سندس ڌيءَ فرال معصوم مُرڪ سان پنهنجي پيءُ جي زندگي جي نئين سفر لاءِ تياريءَ کي رڪارڊ ڪري رهي آهي، ان لمحي کيس ٻيهر ياد ڏياريو ته رشتا مٽجي سگهن ٿا پر عزت ۽ محبت ڪڏهن ختم ناهي ٿيندي.“
هن لکيو ته ”هر ڪهاڻيءَ جو انجام جهيڙو ناهي هوندو، دل سان دُعا آهي ته فواد فاروق جي زندگيءَ جو هي نئون سفر خوشي، سمجهه ۽ سڪون سان ڀريل هجي.“

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.