ايران ۾ تبديلي جو عمل شروع؟

تهران(عوامي آواز رپورٽ)ايران ۾ تبديليءَ جو عمل نظر اچي رهيو آهي، پر هن مرحلي تي اهو چوڻ مشڪل آهي ته ملڪ اندر ڪهڙي نوعيت جي تبديلي جنم وٺندي.هينئر تائين ايراني حڪام جي گرفت مضبوط نظر اچي ٿي. نه ته اعليٰ سياسي حلقن ۾ ڪا واضح ڦاٽ يا اختلاف نظر اچي ٿو ۽ نه ئي سيڪيورٽي ادارن ۾، جن ۾ طاقتور پاسدارانِ انقلاب به شامل آهن، جيڪي 1979ع جي انقلاب جي تحفظ لاءِ ئي قائم ڪيا ويا هئا.ٻئي پاسي اپوزيشن ۾ ڪيترائي اهڙا اڳواڻ آهن، جيڪي جلاوطنيءَ جي زندگي گذاري رهيا آهن. اهي ڪڏهن هڪ ٻئي تي تنقيد ڪن ٿا ۽ ڪڏهن حڪومت کي نشانو بڻائين ٿا. ايران جي اندر به ڪجهه باوقار ۽ اثرائتي آوازون اڀري رهيون آهن، جن ۾ نوبيل انعام يافته نرگس محمدي شامل آهي، جيڪا اڃا تائين جيل ۾ آهي ۽ ملڪ اندر پُرامن تبديليءَ جي حمايت ڪري رهي آهي.هن تازِي بيچيني دوران اڳوڻي ولي عهد رضا پهلوي به عوام کي متحرڪ ڪرڻ جي صلاحيت ظاهر ڪئي آهي، پر ماضي ۾ هو ڪنهن به وقت هڪ گڏ ڪندڙ يا متحد ڪندڙ شخصيت طور پاڻ کي ثابت نه ڪري سگهيو آهي.سماجي تحريڪون اڪثر ان ڳالهه تي فخر ڪنديون آهن ته انهن وٽ ڪو مرڪزي اڳواڻ ناهي، جنهن سبب حڪمرانن لاءِ ڪو اهڙو نمايان هدف موجود نه هوندو آهي، جنهن کي ختم ڪري تحريڪ کي دٻائي سگهجي.پر اها صورتحال انهن ايراني شهرين لاءِ ڳڻتي جو سبب آهي، جيڪي تبديلي چاهين ٿا، پر انتشار يا نظام جي مڪمل تباهي نٿا چاهين. اهي سڌارا (اصلاحات) چاهين ٿا، انقلاب نه.هن بيچيني مان اها ڳالهه واضح ٿي وڃي ٿي ته هاڻي ڪو به سادو يا آسان حل باقي نه رهيو آهي. ايران معاشي ۽ سياسي طور ڀڃ ڊاهه جو شڪار آهي. تبديليءَ جا عنصر ضرور موجود آهن، پر اهي ڪهڙي ريت هڪ ٻئي سان جڙندا ۽ اڳتي وڌندا، ان بابت يقين سان ڪجهه به چوڻ مشڪل آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.