دبئي(ڪامران خان)2025ع ۾ پاڪستاني فوج دنيا جي چوٿين وڏي فوجي قوت جي دعويٰ ڪندڙ ڀارتي فوج کي ميدان جنگ ۾ شڪست ڏني، ۽ دنيا ۾ پنهنجي فوجي طاقت جو اعتراف مڃرايو،پاڪستان هڪ ذميوار نيوڪليئر پاور طور به تسليم ٿيو، يعني پاڪستان جودفاع ناقابل تسخير آهي.اها پاڪستانين جو اعتماد ۽ جذبو زنده رکڻ جي وڏي بنياد آهي.پر سڀ ڪجهه ٺيڪ ناهي پاڪستان فوجي طاقت ۾ مضبوط آهي پر اقتصادي لحاظ کان ڪمزور ۽ نپوڙيل آهي.ڀارت، جنهن کي فوجي ميدان ۾ شڪست ڏني وئي، اقتصادي ميدان ۾ پاڪستان کي پوئتي ڇڏي ويو آهي.هڪ وقت هو جڏهن ڀارت ۽ پاڪستان جي معيشت جو مقابلو ڪيو ويندو هو، ڪڏهن پاڪستان اڳتي، ڪڏهن ڀارت اڳتي. پر گذريل 25 سالن ۾ تقريباً سڀني اقتصادي اشارن ۾ پاڪستان ڀارت کان تمام گهڻو پوئتي رهي ويو آهي.ڀارت جي جي ڊي پي دنيا جي پنجين وڏي معيشت آهي، جڏهن ته پاڪستان جو نمبر 40 تي آهي.ڀارت ۾ في ڪس آمدني 2820 ڊالر آهي، پاڪستان ۾ تقريباً 1707 ڊالر، يعني ڀارت تقريباً 55 سيڪڙو اڳتي آهي.ڀارت جو قرض جي ڊي پي جي 57 سيڪڙو، جڏهن ته پاڪستان ۾ 70.2 سيڪڙو،پاڪستان ۾ هر شهري تي 3,18,000 روپيا قرض آهي ۽ قرض جي واڌ جاري آهي،ڀارت وٽ ناڻي جي مٽاسٽا جي ذخيرا687 بلين ڊالر ، پاڪستان وٽ 21 ارب ڊالر جا ذخيرا آهن، ڀارت جي مجموعي ايڪسپورٽ پاڪستان کان 20 ڀيرا وڌيڪ آهي.ڀارت ۾ ٽيڪس جو نظام وڌيڪ جديد، شفاف ۽ عوام دوست آهي، جڏهن ته پاڪستان ۾ اڃا به مسئلا موجود آهن. ڀارت ۾ تعليم تي خرچ 3.5 سيڪڙو آهي، پاڪستان ۾ 2 سيڪڙو کان به گهٽ.پرائمري تعليم ۾ ڀارت ۾ 12.9 سيڪڙو شاگرد اسڪول ڇڏي رهيا آهن، پاڪستان ۾ 22 سيڪڙودنيا جي هڪ هزار بهترين يونيورسٽين ۾ ڀارت جون 41 يونيورسٽيون جڏهن ته پاڪستان جون چار يونيورسٽيون شامل آهن،گذريل 25 سالن ۾ ڀارت تعليم، سائنس، ٽيڪنالاجي، تحقيق، انساني ترقي ۽ معيشت جي شعبن ۾ وڏي سيڙپڪاري ڪئي، جڏهن ته پاڪستان سياسي ۽ اقتصادي عدم استحڪام سبب بار بار بحرانن جو شڪار ٿيو. مستقبل ۾ پاڪستان کي اقتصادي سڌارن تي ڌيان ڏيڻ ضروري آهي، ته جيئن فوجي ۽ اقتصادي طاقت ٻئي گڏجي مضبوط ٿي سگهي.