هزارين روهينگيا سنڌ ۾ آباد ڪيا پيا وڃن\وسند ٿري

حيدرآباد (پ ر)عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري، مرڪزي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ ساجد حسين مهيسر، مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر رسول بخش خاصخيلي، ايڊووڪيٽ راحيل ڀٽو ۽ نور نبي پليجي پنهنجي گڏيل پريس بيان ۾ چيو آهي ته سعودي عرب سان ڳجهي ڊيل ڪري هزارين روهينگيا سنڌ ۾ آباد ڪيا پيا وڃن. روهينگيا ۽ افغانين سميت مختلف غيرملڪين کي پاڪستان جا جعلي شناختي ڪارڊ ۽ پاسپورٽ جاري ڪيا ويا آهن، جن مان ڪيترائي روهينگيا سعودي عرب ويا ۽ هاڻ سعودي انهن روهينگين کي ميانمار بدران پاڪستان جي حوالي ڪري رهيو آهي، جيڪي سنڌ جي وسيلن تي بار بڻبا. اڳواڻن چيو ته پيپلز پارٽي جي سرڪار رشوت عيوض سنڌ کي يتيم خانو بڻائي ڇڏيو آهي. سنڌ ۾ غير ملڪين کي آباد ڪري سنڌين کي دائمي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي منظم سازش ڪئي پئي وڃي. سنڌي قوم کي به فلسطينين جيان پنهنجي وطن ۾ ئي بي وطن ڪرڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي. اڳواڻن چيو ته سنڌي قوم هاڻ هڪ به پناهگير برداشت نه ڪندي. سنڌ ۾ ڌاري آبادڪاري خلاف پرامن جمهوري جدوجھد جاري رهندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.