دادو/ ڄامشورو(رپورٽ: غوث جھتيال/ڊ ر) دادو ۾ پوليس جي مبينا مقابلي ۾ مارجي ويل نوجوان نادر جمالي جي وارثن وٽ جي ڊي اي اڳواڻ معظم عباسي، اڳواڻي وڏي وزير سنڌ لياقت علي جتوئي جو ڀاءُ ظفر علي جتوئي ۽ ٻين پهچي تعزيت ڪئي، ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي معظم عباسي چيو ته سنڌ کي پوليس اسٽيٽ بڻايو ويو آهي، هزارين ماڻهو ڏوهاري لاءِ ناهن نڪرندا، سموري سنڌ ۾ صورتحال انتهائي ڳڻتي جوڳي بڻجي چڪي آهي، جتي پوليس کي کليل ڇوٽ مليل آهي ته جنهن کي وڻي، بنا ڪنهن حساب ڪتاب ۽ ثبوت جي ماري ڇڏي، نادر جمالي کي بنا ڪنهن ثابتي ۽ قانوني ڪاروائي جي گوليون هڻي قتل ڪيو ويو جيڪا سراسر ناانصافي، ظلم ۽ آئين جي لتاڙ آهي، نادر جمالي جي وارثن جو اهو بنيادي ۽ جائز حق آهي ته واقعي جي شفاف جاچ لاءِ فوري طور عدالتي جاچ ڪرائي وڃي ۽ جن پوليس آفيسرن اهلڪارن جا وارث نالا ڏين ٿا تن کي برطرف ڪيو وڃي، سنڌ ۾ پيپلزپارٽي جي حڪومت هجڻ باوجود افسوس جو اظهار ڪرڻو پوي ٿو ته سنڌ حڪومت پنهنجي ئي ووٽرن ۽ همدردن کي تحفظ ڏيڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ٿي چڪي آهي. معظم عباسي الزام لڳائيندي چيو ته ڪي اهڙا ايس ايس پي آهن، جيڪي کلي عام دعويٰ ڪن ٿا ته اسان جج به تبديل ڪرائي ڇڏيا آهن، پوءِ اهڙن اختيارن جو غلط استعمال ڪندڙن کي هٽائڻ وارو آخر ڪير آهي؟ جي ڊي اي اڳواڻ سوال اٿاريندي چيو ته ڪنهن به شهري کي کنڀي قتل ڪرڻ ڪهڙي قانون ۽ انصاف ۾ اچي ٿو؟ جيڪڏهن عدالتن کان مٿاهون قتل ٿيندو رهندو ته پوءِ عدالتن کي بند ڪرڻ گهرجي، ڇو ته اهڙي صورتحال ۾ انصاف جو ڪو وجود ئي باقي نه ٿو رهي، نادر جمالي جي پوئنرن کي جنهن شخص يا فورم تي اعتماد هجي، ان ئي ذريعي انڪوائري ڪرائي وڃي ته جيئن حقيقتون سامهون اچي سگهن، معظم عباسي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي سستي جو ذميوار قرار ڏيندي چيو ته هو فوري طور شفاف انڪوائري ڪرائين، وارثن سان انصاف ڪن ۽ ملوث پوليس اهلڪارن کي ايف آءِ آر ۾ شامل ڪيو وڃي، ٻئي پاسي ظفر علي جتوئي حڪومتي بيحسي ۽ موجوده پوليس جي دهشت گردي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو ته لياقت علي خان جتوئي جو پيغام کڻي آيو آهيان، وارثن سان هر حال ۾ گڏ آهيون ۽ 18 جنوري تي انڊس هاءِ وي تي لڳندڙ ڌرڻي جي ڀرپور حمايت ڪريون ٿا، اهڙي لا قانونيت مون ڪٿي به ناهي ڏٺي، ماڻهن کي گهرن مان کنڀي ڪوڙا، هٿ ٺوڪيا مقابلا ڄاڻائي قتل ڪري ڦٽو ڪيو وڃي ٿو. ڇا ڪنهن وقت پونئرن کان پڇيو ويو آهي ته انهن تي ڇا گذري ٿي؟ انهن جا ٻار ڪهڙي حالت ۾ رهجي وڃن ٿا؟ نادر جمالي هڪ شريف زميندار خاندان جو فرد هو، جنهن کي دادو پوليس ڌاڙيل قرار ڏئي قتل ڪيو، جيڪو انتهائي افسوسناڪ عمل آهي. ٻئي پاسي ڄامشورو ۾ جمالي برادري پاران دادو پوليس خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو، دادو ۾ مبينا مقابلي ۾ مارجي ويل نوجوان نادر جمالي جي قتل خلاف ڄامشورو ۾ جمالي برادري ۽ سياسي سماجي ڌرين طرفان شھر جي شاھي بازار کان احتجاجي ريلي ڪڍي قاتل پوليس عملدارن خلاف نعري بازي ڪرڻ بعد ڄامشورو ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪندي ڌرڻو ھنيو ويو، احتجاج ڪندڙن رحيم جمالي، ممتاز جمالي، محمد حسن جمالي، شبير جمالي، عبدالغفور جمالي، اعجاز جمالي، گورنر جمالي، سياسي سماجي اڳواڻن ايس ٽي پي اڳواڻ ساگر عالماڻي، جي يو آءِ اڳواڻ مولانا انور بليدي، سماجي اڳواڻ ذوالفقار مگسي، دوڪاندار اڳواڻ اصغر ناريجو، مرتضي’نائچ، استاد اڳواڻ حق نواز برهماڻي، پ پ شھيد ڀٽو اڳواڻ سيد اسد شاھ ۽ ٻين چيو آھي ته دادو پوليس ھڪ جڙتو ڪوڙو مقابلو ڪري شھر جي بھترين سماجي شخصيت ۽ مسڪين ماڻھن جي ڀرجھلي نادر جمالي کي شھيد ڪيو آھي، ھي ڪوڙ تي ٻڌل پوليس مقابلو آھي، ان مقابلي ۾ ايس ايس پي کان ويندي حد جو ايس ايڇ او ملوث آھي، انھن خلاف عدالتي جاچ ڪري انھن مٿان نادر جمالي جو قتل جو ڪيس داخل ڪيو وڃي.
-
نادر جمالي قتل معاملو، دادو جي 3 ايس ايڇ اوز کي هٽايو ويو
ڪراچي/ دادو (عوامي آواز رپورٽ) دادو ۾ مبينا پوليس مقابلي ۾ ماريل نادر جمالي جي معاملي تي آءِ جي سنڌ جاويد عالم اوڍو سي آءِ اي انچارج بينظير جمالي، ايس ايڇ او قربان قمبراڻي ۽ خليل مسڻ کي هٽائي ڇڏيو، ان سلسلي ۾ ٻڌايو ويو آهي ته آءِ جي سنڌ جاويد عالم اوڍو دادو پوليس طرفان مبينا مقابلي ۾ ماريل نادر جمالي جي معاملي تي ايس ايڇ او اي سيڪشن قربان قمبراڻي، ايس ايڇ او بي سيڪشن خليل االرحمان مسڻ، سي آءِ اي انچارج بينظير جمالي کي عهدن تان هٽائي ڇڏيو آهي، ٽنهي کي ڪراچي سي پي او رپورٽ ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو، ان سلسلي ۾ پوليس جي مبينا مقابلي ۾ ماريل نادر جمالي جي سئوٽ معاملي تي رد عمل ڏيندي چيو آهي ته رڳو 3 ايس ايڇ اوز ڇو، اسان جو جيڪو پهرين ڏينهن کان مطالبو آهي ته ٽئي ايس ايڇ اوز، ايس ايڇ او اي، ايس ايڇ او بي ، سي جا اهي انچارج، ون فائيو جا انچارج، ڊي ايس پي سٽي ۽ ايس ايس پي سميت جيڪو آهي انهن سمورن کي عهدن تان هٽائي پوءِ جيڪو آهي ايف آءِ آر داخل ڪري عدالتي جاچ ڪئي وڃي، هي جيڪي ٽن ايس ايڇ اوز جي معطلي جي رپورٽ آهي اسان انهن کي نه اڳ قبول ڪيو آهي ۽ نه ئي هاڻ قبول ڪيون ٿيا، اسان جو پهرين ڏينهن به اهو ئي مطالبو آهي ۽ اڄ به اهو ئي مطالبو آهي ته ايس ايس پي ۽ ڊي ايس پي به معطل ڪيا وڃن ۽ انهن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، اسان جو جيڪو اعلانيل 18 تاريخ تي ڌرڻو آهي اهو ضرور لڳندو، جيستائين سڀني آفيسرن کي عهدن تان هٽايو نٿو وڃي اسان جو احتجاج جاري رهندو، اسان هن ڪارروائي مان مايوس آهيان، هيڏو وڏو واقعو ٿي ويو آهي پر صرف ٽن ايس ايڇ اوز جي معطلي مان ڪم نه هلندو، نادر خان کي بيگناهه قتل ڪيو ويو آهي، سڄي سنڌ اٿي پئي آهي، بغير اسان جي چوڻ جي هر ماڻهو هن ناحق قتل خلاف اٿيو آهي، سڄي سنڌ روڊن تي نڪتي آهي پر سنڌ حڪومت هن معاملي کي سنجيده نه پئي وڃي.