نون ڪرنسي نوٽن بابت اهم خبر اچي وئي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حڪومت نوان ڪرنسي نوٽ ڇاپڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جنهن جي وفاقي ڪابينا منظوري ڏئي ڇڏي، ڪرنسي نوٽن جي نئين ڊيزائن جي حوالي سان ڪابينا ڪميٽي جوڙي وئي آهي.
وزيراعظم جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا اجلاس ۾ ناڻي واري وزارت اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان طرفان جاري ٿيندڙ نئين ڊزائن وارن نوٽن جي حوالي سان بريفنگ ڏني.
اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته 100، 500، هڪ هزار ۽ 5 هزار رپين جا نئين ڊيزائن وارا نوٽ متعارف ڪرايا ويندا، نون ڪرنسي نوٽن ۾ وڌيڪ بهتر سيڪيورٽي فيچر جو استعمال ڪيو ويندو.
وفاقي ڪابينا ڪرنسي نوٽن جي نئين ڊيزائن تي غور ويچار لاءِ ڪابينا ڪميٽي جوڙي ڇڏي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.