بلاول ڀٽو جي سياسي جماعت ڪراچي ۾ وڏو پيڪيج آڻي رهي آهي: مرتضيٰ وهاب خوشخبري ٻڌائي ڇڏي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته ڪراچي وارن پ پ کي موقعو ڏنو ته ڏسو ڪم ٿي رهيو آهي.
پنهنجي بيان ۾ مرتضيٰ وهاب چيو ته ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ بلاول ڀٽو جي سياسي جماعت ڪراچي ۾ وڏو پيڪيج آڻي رهي آهي، ڪي ايم سي ۽ سنڌ حڪومت گڏجي ڪم ڪري رهيا آهن، ٽائون به ائين ئي اسان جي مدد ڪن.
هن چيو ته ترقياتي ڪمن ۾ معيار تي ڪا سوديبازي نه ٿيندي، عوامي تڪليف کي ڏسندي تعميراتي ڪم مرحلي وار مڪمل ڪيا پيا وڃن.
سندس چوڻ هو ته شهر جي سڀني روڊن کي مرحلي وار بهتر بڻايو پيو وڃي، ڪراچي وارن پ پ کي موقعو ڏنو ته ڏسو شهر ۾ رات ڏينهن ڪم ٿي رهيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.