آمريڪا ايران تي حملو ڪيو ته ڀوڳيندو: سعودي، قطر ۽ عمان خبردار ڪري ڇڏيو

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي اخبار وال اسٽريٽ جرنل موجب سعودي عرب جي اڳواڻي ۾ نار ملڪن ايران تي آمريڪي حملي جي مخالفت ڪري ڇڏي.
وال اسٽريٽ جرنل جي رپورٽ موجب سعودي عرب، قطر ۽ عمان آمريڪا کي خبردار ڪيو آهي ته ايران تي حملو نه ڪيو وڃي، ڇو ته اهڙي ڪارروائي سان عالمي تيل مارڪيٽ ۾ وڏو ڌڪ لڳندو ۽ ان جو سڌو اثر آمريڪي معيشت تي به پوندو.
اخبار موجب ظاهري طور اهي عرب ملڪ خاموش نظر اچن ٿا پر پسِ منظر ۾ رهي لابنگ ڪري رهيا آهن ته آمريڪا ايران تي حملو نه ڪري، ڇاڪاڻ ته اهڙي قدم سان عالمي تيل مارڪيٽ کي ڌڪ لڳندو ۽ لازمي طور آمريڪي معيشت به متاثر ٿيندي.
اخبار موجب سعودي عملدارن تهران کي خاطري ڪرائي آهي ته هو ڪنهن به تڪرار ۾ شامل نه ٿيندا ۽ آمريڪا کي ايران تي حملي لاءِ پنهنجون هوائي حدون استعمال ڪرڻ نه ڏيندا، اهو قدم آمريڪي ڪارروائي کان پاڻ کي پري رکڻ ۽ ان کي روڪڻ جي ڪوشش طور کنيو ويو آهي.
آمريڪي اخبار موجب عرب رياستن کي خدشو آهي ته ايران تي حملي جي صورت ۾ آبنائي هرمز مان گذرندڙ تيل جي ٽينڪرن جي اچ وڃ متاثر ٿي سگهي ٿي، هي تنگ سامونڊي لنگهه نار فارس جي ڏاڪي تي واقع آهي، جيڪو ايران کي ان جي عرب پاڙيسرين کان ڌار ڪري ٿو ۽ دنيا جي لڳ ڀڳ پنجين حصي جي تيل جي پهچ ان ئي رستي سان ٿيندي آهي.
اخبار موجب ٽرمپ سرڪار اڃا واضح ناهي ڪيو ته ايران خلاف ڪهڙي نوعيت جي فوجي ڪارروائي تي غور ڪيو پيو وڃي پر عملدارن جو چوڻ آهي ته حملي جو امڪان موجود آهي.
وائيٽ هائوس جي هڪ عملدار وال اسٽريٽ جرنل کي ٻڌايو ته ايران جي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ صدر ٽرمپ وٽ سمورا آپشن موجود آهن، هو مختلف رايا ٻڌي رهيو آهي، آخر ۾ اهو ئي فيصلو ڪندو جيڪو پاڻ بهتر سمجهندو.
واضح رهي ته گذريل ڏينهن ٽرمپ سڌي ريت ايران ۾ احتجاج ڪندڙن کي مخاطب ٿيندي چيو هو ته هو حڪومت پاران احتجاج دٻائڻ جي ڪوششن جي مخالفت ڪن ۽ رياستي ادارن تي قبضو ڪن، مدد پهچڻ واري آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.