حملي جي صورت ۾ خطي جي ملڪن ۾ موجود سڀني آمريڪي اڏن کي نشانو بڻائينداسين: ايران

لنڊن (ويب ڊيسڪ) ايران ڌمڪي ڏيندي چيو آهي ته جيڪڏهن آمريڪا حملو ڪيو ته خطي ۾ موجود سڀني آمريڪي اڏن کي نشانو بڻائينداسين.
روئٽرز موجب ايران جي هڪ سينيئر اهلڪار ٻڌايو ته تهران خطي جي ملڪن کي خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن آمريڪا ايران تي حملو ڪيو ته هو انهن ملڪن ۾ قائم آمريڪي فوجي اڏن کي نشانو بڻائيندا.
اها تنبيهه اهڙي وقت ۾ سامهون آئي آهي، جڏهن آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ حڪومت مخالف احتجاج جي پس منظر ۾ ايران ۾ مداخلت جي ڌمڪي ڏني آهي.
ان ايراني اهلڪار موجب تهران خطي جي ملڪن تي زور ڏنو آهي ته هو واشنگٽن کي ايران تي حملي کان روڪين، ڇو ته آمريڪي ڪارروائي جي صورت ۾ جوابي حملا انهن ملڪن ۾ موجود آمريڪي اڏن تي ڪيا ويندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.